اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جوڙڻ لاءِ سينيٽ ۾ مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪي مفاد تي سموريون جماعتون هڪجهڙو موقف رکن ٿيون، پارليامينٽ جو آواز آمريڪا تائين پهچائينداسين، آمريڪي پرڏيهي وزير جيڪو بيان ڏنو هو رڪارڊ تي ناهي، اسان امريڪا سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ لاءِ پارليامينٽ کان رهنمائي حاصل ڪندس، مون کي ايوان جا تاثر معلوم هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پارٽي کان مٿانهون ٿي پرڏيهي پاليسي کي ڏسڻو پوندو، اسان جي نيشنل پاليسي، سيڪيورٽي پاليسي سڀ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم جي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڪيل ڳالهه ٻولهه تي آمريڪي بيان حقيقت کان ابتڙ آهي، آمريڪي پريس ريليز ۾ جيڪو ٻڌايو ويو اهي اهو سڀ ڪجهه حقيقت جي ابتڙ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته فون تي جيڪو رابطو ٿيو هو، ان دوران سٺيون ۽ تعميري ڳالهيون ڪيون ويون هيون. هن چيو ته ڪٿي ڪٿي غلطي ٿي ويندي آهي، لڳي ٿو ته پريس ريليز ۾ ڪا غلطي ٿي هوندي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي دوري دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري بابت ڳالهيون ڪيون وينديون، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي فون تي ڳالهين بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي پريس رليز حقيقت جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي بيان تي قائم آهي ته اسان به قائم آهيون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهه ٻولهه هاڪاري، تعميري ۽دوستاڻي انداز ۾ ٿي جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جيڪا ڳالهه ڪئي ان جو فون تي رابطي ۾ ڪو به ذڪر ناهي. هن چيو ته آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي پريس رليز حقيقت جي ابتڙ آهي، فون تي جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي نهايت تعميري ۽ ويجهو آڻڻ واريون هيون، آمريڪي پريس رليز ۾ جنهن جو ذڪر ٿيو تنهن جو داستان ۾ ذڪر به ناهي، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو بيان ڏٺو ته هنن چيو ته اسان پنهنجي بيان تي قائم آهيون ته پوءِ مان به پنهنجي بيان تي قائم آهيان، غلطي ٿي وينديون آهن، اسان جيڪو رپورٽ ڪيو اهو درست آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پنج سيپٽمبر تي پرڏيه
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟