مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي ۽ رينجرز جو کوسڪي شگرمل تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط، 4 ڄڻا گرفتار

0Shares

بدين(ڊ ر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدار اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي کوسڪي شگرمل تي ايف آءِ اي ۽ رينجرز جي وڏي نفري ڇاپو هڻندي 4 عملدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي شگرمل تي ايف آءِ اي ۽ رينجرز ڇاپو هنيو آهي. پوليس مطابق کوسڪي ٽائون ۾ واقع شگرمل تي ايف آءِ جون 2 ۽ رينجرز جون 7 گاڏيون پهتيون، ڇاپي کان اڳ سمورا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا. ڇاپو هڻندڙ ٽيمسان گڏ سنڌ بينڪ جو عملو به موجود هو. سيڪيورٽي اهلڪارن 2 ڪلاڪن تائين شگرمل جي رڪارڊ روم جي تلاشي ورتي ۽ دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڪمري ٻاهريان اهلڪار مقرر هئا ۽ ڪنهن کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن شگرمل جي آءِ ٽي انچارج عبدالرشيد آرائين، اڪائونٽنٽ افتخار احمد، ايڊمن آفيسر سوڍل رند ۽ انجنيئر جاويد کي گرفتار ڪري ورتو. ٻي طرف ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي اومني گروپ جي  ٻين شگر ملز باواني شگر ملز تلهار ۽ انصاري شگر ملز ماتلي جي رڪارڊ جي ممڪنه جانچ پڙتال لاءِ وفاقي سيڪورٽي ادارن ذريعي نگراني شروع ڪئي وئي آهي انهن شگرمل ٻاهران حفاظتي دستا بيهاريا ويا آهن ڪنهن به وقت ايف آئي اي جي ٽيم انهن شگر ملز ۾ داخل ٿي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي سگهي ٿي ٻي طرف کوسڪي شگر مل تي ڇاپي جون خبرون ۽ فوٽيج هلڻ بعد ضلع ۾ اومني گروپ جي ٻين شگر ملز جا ڪيترائي ملازم کسڪي ويا آهن

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں