مخالف ڌر صدارتي اميدوار جي نالي تي اختلافن جو شڪار، پ پ ن ليگ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، اعتزاز جي نامزدگي تي قائم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) صدارتي چونڊن لاءِ مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار جي نالي تي مخالف ڌر ورهائجي وئي آهي، پ پ چوڌري اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  گڏيل صدارتي اميدوار لاءِ مخالف ڌر ورهايل نظر اچي رهي آهي جڏهن ته پ پ اعتزاز احسن جي نالي تي مسلم ليگ ن جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چوڌري اعتزاز احسن کي صدارتي اميدوار بڻائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان کان مدد گهري ورتي آهي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ماضي گذري ويو، هاڻي اسان کي اڳتي ڏسڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته مسلم ليگ ن اسان جي ڳالهه سمجهندي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۾ ڪيترائي ڳالهه سمجهندڙ ماڻهو آهن، شهباز شريف سمجهدار سياستدان آهي، مٿس وڏي ذميواري آهي، ن ليگ ۽ پ پ کي ڇڪتاڻ ختم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان جو اميدوار پ پ جو نه پر پاڪستان جو اميدوار آهي. خورشيد شاهه چيو ته چوڌري اعتزاز احسن کي دنيا ذاتي طور سڃاڻي ٿي ۽ سندس تاريخ آهي، اسان سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي ته گڏجي سياست ڪيون جنهن تي ماضي جو پاڇو نه هجي.  ٻئي طرف پ پ شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ صدارتي اميدوار ۽ مخالف ڌر پارٽين جي اجلاسن بابت مشاورتي اجلاس ٿيو. آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ خورشيد شاهه ، قمر الزمان ڪائرا، راجا پرويز اشرف ، شيري رحمان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪال ڪانفرس ذريعي مشاورت ڪئي وئي. پارٽي جي اڳواڻن قيادت کي اي پي سي جي  اجلاس بابت آگاهي ڏني ۽   قيادت کي ٻڌايو ته ن ليگ اڄ صدارتي اميدوار جو نالو پڌرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي .  اجلاس بعد خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ پ پ جو 3 رڪني وفد مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو جتي گڏيل اميدوار آڻڻ بابت ڳالهيونڪيون ويون. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته مشاورتي اجلاس جاري آهي جلد ئي ن ليگ کي فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. آصف علي زرداري چيو ته مان اعتزاز احسن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان، اعتزاز احسن ئي صدارتي اميدوار هوندو. هن چيو ته مسلم ليگ ن کي چوڌري اعتزاز احسن جي نالي تي راضي ڪيو وڃي. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان ن ليگي صدر ميان شهباز شريف کي فون ڪري پيپلز پارٽي جي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق صدارتي اميدوار لاءِ پ پ پ پنهنجي اميدوار اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي ن ليگ جو اعتراض رد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي فون ڪيو ۽ کيس صدارتي اميدوار جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات بابت آگاهه ڪيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته آصف زرداري اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن شهباز شريف کي پنهنجي موقف تان پرڀرو ٿيڻ جي اپيل ڪئي. ذريعن مطابق مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي پر شهباز شريف صدارتي اميدوار لاءِ پنهنجي پارٽي سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں