تحريڪ انصاف 23 رڪني پنجاب ڪابينا جو اعلان ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد  (بيورو)  وزيراعظم عمران خان پنجاب جي 23 رڪنسي ڪابينا جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت  هيٺ تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب ڪابينا لاءِ ميمبرن کان انٽرويو وٺڻ بعد 23 رڪني ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو.  عليم خان  کي لوڪل گورنمينٽ  ۽ ڪميونٽي  ڊولپمينٽ  جو کاتو ڏنو ويو. عليم خان  سينيئر وزير پڻ هوندو.  ملڪ مح۾د انور چوڌري ظهير الدين ۽ هاشم ڊوگر  کي  پنجاب ڪابينا   ۾ شامل ڪيو ويو.   راه راشد حفيظ  کي روينيو، ميان اسلم اقبال انڊريز، ڪامرس ۽  سيڙپڪار جا وزير  هوندو، ياسر همايون سرفراز  وٽ هايئر ايجوڪيشن ۽ ٽوٽرز م  جا قلمدان هوندا. ملڪ نعقمان  لنگڙيال  ۽ حسنين  درشڪ کي به ڪابينا  ۾  شامل ڪيو ويو. ميان محمود رشيد  هائوسنگ، اربن ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ  انجنيئرنگ  جو وزير هوندو. فيض الحسن چوهاڻ اطلاعات ۽ ثقافت   جو وزير هوندو.  محمد سبطين   سردار آصف نڪئي ۽ حافظ عمار ياسر  کي  به ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو. سميع الله چوڌري  خوراڪ ۽ مخدوم هاشم بخت ناڻي جا وزير هوندا.   حافظ ممتاز احمد ايڪسائيز ٽيڪسيشن  ۽ نارڪو ٽڪس  ڪنٽرول جو وزير  هوندو. تيمور خان يوٿ افيئرس ۽ اسپورٽس جو وزير هوندو. ڊاڪٽر ياسمين راشد پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ  ڪيئر  ۽ ميڊيڪشن ايجيوڪيشن جي وزير هوندي، انور مجيد نيازي ليبر ۽ مين پاور جو وزير هوندو.  مراد راشد  وٽ اسڪول ايجوڪيشن ۽ محسن لغاري آبپاشي جو وزير هوندو. راجا بشارت قانون ۽ پارلياماني  معاملن جو وزير هوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں