شبلي فراز سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ راجا ظفر الحق مخالف ڌر اڳواڻ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينيٽر شبلي فراز سينيٽ ۾ قائد ايوان، جڏهن ته ن ليگي اڳواڻ راجا ظفر الحق کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪو سينيٽر پهريون ڀيرو قائد ايوان بڻجي ويو آهي. تحريڪ انصاف پاران نامزد ڪيل شبلي فراز قائد ايوان ۽ ان کان اڳ قائد ايوان رهندڙ ن ليگي اڳواڻ سينيٽر راجا ظفر الحق مخالف ڌر اڳواڻ هوندو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں