ملير/گلشن اقبال (ڊ ر+ ن هه) پيپلز پارٽي جو اڳوڻو صوبائي وزير مظفر شجراع ۽ ملير جي پي ايس 87 جي جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مظفر شجراع ۽ قادر بخش بلوچ جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت کانپوءِ ملير ۾ ٿيندڙ پي ايس 87 جي ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي مشڪلات جو شڪار، اسان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. خبر موجب پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ۽ ملير جي پي ايس 87 جي جنرل سيڪريٽري قادربخش بلوچ پنهنجي ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي پي اڳواڻن پاران انصاف هائوس ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر شميم نقوي، ضلع ملير جي صدر ڊاڪٽر مسرور سيال ۽ ٻين اڳواڻن جي موجودگي ۾ باقاعده پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي صورتحال بعد ملير جي پي ايس 87تي 14 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون اهميت اختيار ڪري ويون آهن. ضمني چونڊن ۾ پي پي کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. پي پي جي اهم اڳواڻن جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت کانپوءِ ملير جو سياسي وايو منڊل تبديل ٿي ويو آهي. ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي تيارين ۾ آهن. ٻئي طرف ان حوالي سان پي ٽي آءِ سنڌ جي سنيئير ايگزيڪيوٽو نائب صدر حليم عادل شيخ ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملير مان پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي ملير ۾ تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. حاجي مظفر شجراع ۽ قادر بخش بلوچ کي پي ٽي آءِ ۾ ڀليڪار چئون ٿا. اهڙن سٺن ماڻهن جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت سان پي ٽي آءِ ملير سميت سڄي سنڌ ۾ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته تمام جلد سڄي سنڌ مان پي پي ۾ ويٺل حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندڙ اهم شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪنديون. هوڏانهن قادر بخش بلوچ چيو ته پيپلز پارٽي ملير جي قيادت ملير کي تباهي ڪناري پهچايو آهي. ملير جي ٻهراڙين جي ڪيترائي ڳوٺ اڄ به بنيادي سهوليتن کان محروم بڻيل آهن. اسان هاڻي عمران خان جي قيادت ۾ ملير ۾ به تبديل آڻڻ چاهيون ٿا. ملير ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي قادر بخش بلوچ ۽ حاجي مظفر شجراع چيو ته ڪرپشن ختم ڪرڻ واري ڳالهه تي اسان عمران خان سان گڏ آهيون، اسان ملير سميت سنڌ جي تبديلي چاهيون ٿا، ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي ناهي، علاج لاءِ اسپتال ۽ بهتر تعليمي نظام ناهي، ملير جو عوام پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي، عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ اسان جي جدوجهد هميشه جاري رهندي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته اسان قادر بخش بلوچ ۽ حاجي مظفر شجراع کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان ڪيون ٿا، اسان کي سنڌ جي ماڻهن جيڪو مينڊيٽ ڏنو آهي، ان تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، سنڌ ۾ تبديلي آڻي عوام جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪنداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟