وزيراعظم عمران خان کي خطرو، نيڪٽا ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نيڪٽا طرفان وزيراعظم عمران خان کي هڪ وڌيڪ الرٽ جاري ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان طرفان سڪيورٽي وٺڻ کان انڪار پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نئين آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وزيراعظم کي بار بار سڪيورٽي ٿريٽ سلامتي جي ادارن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن پر عمران خان تنهن باوجود  اضافي سڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هو غير معمولي سڪيورٽي کي شاهاڻو پروٽوڪول تصور ڪري ٿو. نيڪٽا جي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي 6 ٿريٽ الرٽ جاري ٿي چڪا آهن ۽ آخري الرٽ قسم کڻڻ جي تقريب کان 2 ڏينهن اڳ جاري ڪيو ويو.  پوليس ذريعن موجب وزيراعظم کي بليو بڪ موجب سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي، هڪ مهيني دوران 25 کان وڌيڪ سرچ آپريشن ڪيا ويا، بني گالا، بري امام، بارا ڪهو ۽ ترنول ۾ 200 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  سڪيورٽي ذريعن موجب جيڪڏهن عمران خان اضافي سڪيورٽي نه ورتي ته اهو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں