ڪيريبيئن پريميئر ليگ: جمائيڪا تلاواس 21 رنسن تان لوشيا اسٽارز کي شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

گروس آئلينڊ(اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن ليگ جي 17 هين مئچ ۾ جمائيڪا تلاواس 21 رنسن تان لوشيا اسٽارز کي شڪست ڏئي ڇڏي. جمائيڪا تلاواس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو هر لحاظ کان درست ثابت ٿيو. جمائيڪا تلاواسپهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهيون. رومين پاويل 37 بالن تي پنج ڇڪن ۽ بن چوڪن جي مدد سان 64 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پليئر آف دي مئچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو. ٻين رانديگرن ۾ چارلس 34، ليوس 33 ۽ ملر 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪيسرڪ وليمز 3، ڪيس احمد ۽ مڪواءِ هڪ هڪ رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. لوشيا اسٽار پهاڙ جيڏي هدف 204 رنسن جو پيڇو ڪندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 183 رنسون ٺاهي سگهي. ڪپتان ڪيون پولارڊ 46، سمنس 45 ۽ ڊيوڊ وارنر 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. رسل ۽ ٿوماس 2-2 رانديگرن کي پويلين موٽايو جڏهن ته عماد وسيم، پاويل ۽ زمپا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں