پاڪ فوج جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون، ڪراچي، راولپنڊي ۽ ملتان جا ڪور ڪمانڊر تبديل

راولپنڊي(بيورو) پاڪ فوج ۾ نيون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون، ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز کي ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر کي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد نعيم اشرف کي ڪور ڪمانڊر ملتان مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا کي انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪشنز اينڊ آءِ ٽي ۽ ليفٽيننٽ جنرل عبدالله ڊوگر کي چيئرمين هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز ان کان اڳ انسپيٽر جنرل ڪميونيڪشنز اينڊ آءِ ٽي هو جڏهن ته جنرل شاهد بيگ مرزا ڪور ڪمانڊر ڪراچيءَ جي عهدي تي مقرر هو. ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز ان کان اڳ انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪشنز اينڊ آءِ ٽي هو جڏهن ته جنرل شاهد بيگ مرزا ڪورڪمانڊر ڪراچي جي عهدي تي مقرر هو. ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر ان کان اڳ چيف آف جنرل اسٽاف هو جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا ڪورڪمانڊر روالپنڊي جي عهدي تي مقرر هو. ٻئي طرف ليفٽيننٽ جنرل محمد نعيم اشرف ان کان اڳ چيئرمين هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا هو جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عبدالله ڊوگر ڪور ڪمانڊر ملتان طور ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں