قومي مفادن تي سوديبازي نه ڪنداسين: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستانجي قومي مفادن تي ڪوبه ٺاهه نه ڪنداسين. نجي ٽي وي مطابق وزيراعظم عمران خان پرڏيهي آفيس پهتو، جتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا سندس استقبال ڪيو. دوري دوران پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا وزيراعظم عمران خان کي علائقائي، عالمي مسئلن، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن، پرڏيهي وزارت جوڙڻ، ان جي مضبوطي، ڪم ڪرڻ جا طريقا ۽ پرڏيهي پاليسي تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم کي عالمي عدالت انصاف ۾ ڪلڀوشن ڪيس تي ٿيندڙ پيش رفت کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت جي عملدارن کي پاليسي گائيڊ لائين ڏني. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي مفاد کي ترجيح ڏني وڃي، قومي مفادن تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن پرڏيهي ملڪن جي سفارتخانن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پرڏيهه ۾ پاڪستان جو بهتر تاثر اجاگر ڪيو وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں