آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جاري، ويرات ڪوهلي عالمي نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري (آءِ سي سي) طرفان جاري ڪيل نئين ٽيسٽ رينڪنگ موجب ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهليهڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي جو نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ جي شروعاتي ڏهن بيٽسمينن ۾ پاڪستان جو ڪو به رانديگر شامل ناهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهليءَ آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ کان پهرين پوزيشن کسي ورتي. ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف کيڏيل ٽرينٽ برج ٽيسٽ ۾ 97 ۽ 103 رنسن جي شاندار اننگزن جي مدد سان 937 ريٽنگ پوائنٽن سان گڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ پڻ ڪوهلي 200 رنسون ٺاهي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي پر لارڊز ٽيسٽ ۾ 23 ۽ 17 رنسون ٺاهڻ بعد هو ٻيهر ٻئين پوزيشن تي هليو ويو هو. رانديگرن جي نئين فهرست موجب، آسٽريلوي بيٽسمين اسٽيو سمٿ ٻي، ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽئين، ڪينگروز بيٽسمين ڊيوڊ وارنر چوٿين، انگلش ڪپتان جو روٽ پنجين  ڀارتي بيٽسمين پوجارا ڇهين، سريلنڪن بيٽسمين ڪرونارتني ستين، دنيش چنديمل اٺين، ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين ايلگر نائين ۽ مارڪرم ڏهين نمبر تي موجود آهن، جڏهن ته نئين جاري ڪيل فهرست ۾ پاڪستان جو اظهر علي 15 نمبر تي موجود آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں