پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سريز جا معاملا طئي ٿي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ سيريز جا معاملا طئي ٿي ويا جنهن موجب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز 2021 ۾ کيڏي ويندي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ 2021 ۾ ٿيندڙ سيريز جي 1 ٽي ٽوئنٽي ميچ ۽ 3 ٽيسٽ ميچون جولائي 2021 ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ٿينديون جڏهن ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾  ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون آمريڪا ۾ کيڏيون وينديون جنهن لاءِ  ٻئي ٽيمون ميچون کيڏڻ لاءِ آمريڪي شهر فلوريڊا وينديون ۽ ويسٽ انڊيز 2021 ۾ ئي ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏڻ  لاءِ  يو اي اي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں