بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان تي سندس مداحن جي ٺٺول

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان سوشل ميڊيا تي ٺٺول جو نشانو بڻجي ويو. باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان جي جي فلم”ريس3“ کي ايميزون پرائم ويڊيو تي ريليز ڪيو ويو آهي جنهن جو سلمان خان ٽوئيٽر تي اطلاع ڏيندي مداحن کي فلم ڏسڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته ”زندگي جي ان ريس ۾ ڪير اڳتي وڌندو ؟ سلمان خان جي مداحن ”ريس3“ ڏسڻ پري ابتو سلمان خان مٿان ٺٺول ڪندي چيوته ريس 3 ايڏي خراب فلم آهي جو ان کي ڏسڻ جو مطلب وقت ۽ پيسو ضائع ڪرڻ آهي. هڪ واهپيدار سلمان خان جي ٽوئيٽ تي ٺٺول ڪندي چيو ته سلمان خان جي فلم” ريس 3“ ڏسي جيئرو رهڻ مشڪل آهي، مان اها فلم ڏسڻ کان سواءِ به زندا رهي سگهان ٿو. هڪ واهپيدار ”ريس 3“ کي حد کان وڌيڪ خراب فلم قرار ڏيندي چيو ته تمام وڏي مشڪل سان اسان فلم هڪ ڀيرو ڏٺي آهي هاڻ ٻيهر ڏسڻ جي طاقت ناهي. واضح رهي ته سلمان خان، بوبي ديول، ۽ جيڪولين فرنينڊس جي فلم”ريس 3 کي 2018 جي بدترين فلم قرار ڏنو ويو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں