ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي لاڳاپن ۽ شادي جي حوالي سان گهڻي عرصي کان افواهون گردش ڪري رهيون ۽ هاڻ آخرڪار رنبير ان حوالي سان خاموشي ٽوڙي ڇڏي .ويجهڙائي ۾ ئي هندوستان ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ رنبير ڪپور ان موضوع تي کُلي ڳالهايو. رنبير ڪپور چيو ته اهي(افواهون) شوبز انڊسٽري جو حصو آهن، توهان هڪ ڪهاڻي ٺاهيندا آهيو، جلد ئي پهرين ڪهاڻي مان هڪ ٻي اسٽوري ٺهي ويندي آهي۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو رهندو آهي. رنبير ڪپور چيوته کيس سدائين يقين رهيو آهي ته شادي هڪ اهڙي شيءَ آهي جيڪا فطري طور هوندي آهي، اهو بنهه ائين ناهي ته ٺيڪ آ مان 35 ورهين جو ٿي ويو آهي، انڪري هاڻ مونکي شادي ڪرڻ گهرجي. اهو فيصلو توهان کي توهان جي پارٽنر کي پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ توهان ٻنهين کي اهو محسوس ڪرڻ گهرجي ته هاڻ هي مناسب وقت آهي ۽ اسان کي ان تعلق کي اڳئين مرحلي تائين وٺي وڃڻ گهرجي. ادڪار وڌيڪ چيو ته پر هن وقت اهڙو ڪجهه به ناهي، مان اڃا شادي جو فيصلو ناهي ڪيو. رنبير ٻڌايو ته پهريان به چئي چڪو آهيان ته هي سڀ ڪجهه نئون آهي، انڪري هن وقت ان حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. رنبير ڪپور چيو ته هو پنهنجي زندگي ۾ هڪ خوش، مثبت ۽ خوبصورت مرحلي تي آهي، پر توهان ذاتي زندگي تي هڪ حد تائين ئي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، ٻي صورت ۾ توهان جي ذاتي زندگي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ توهان جو ڪم پٺتي رهجي ويندو آهي. رنبير موجب ڪنهن جي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ سدائين تجسس هوندو آهي، پر توهان چاهيو ٿا ته ان تعلق کي عزت ڏني وڃي ته جيئن ماڻهو ان حوالي سان ڳالهيون ڪري کيس بدنام نه ڪن. اهو تعلق توهان لاءِ تمام خوبصورت، مقدس ۽ انتهائي اهم هوندو آهي، انڪري توهان انهن معاملن مان تمام سٺي طريقي سان ڊيل ڪرڻ چاهيو ٿا. پنهنجي ايندڙ فلم ”برهمسترا“ ۾ عاليا ڀٽ سان گڏ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان رنبير ڪپور جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته فلم ۾ عاليا ڀٽ سان گڏ هڪ بهترين آن اسڪرين جوڙي ٺاهڻ ۽ سٺو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو، انڪري مان تمام گهڻو پُرجوش آهيان ۽ هڪ تخليقي ڪاوش جي اميد ڪري رهيو آهيان. واضح رهي ته ان کان اڳ هلندڙ سال جون جي شروعات ۾ هڪ انٽرويو دوران رنبير ڪپور ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته هو عاليا ڀٽ جي حقيقي زندگي ۽ اداڪاري جو ديوانو آهي. اهڙي طرح عاليا ڀٽ کان هڪ ٽاڪ شو دوران جڏهن رنبير ڪپور جي حوالي سان سوال ڪيو ويو هو ته هن خاموشي اختيار ڪندي چيو هو ته هو ان حوالي ڪجهه به چوڻ نٿي چاهي، جڏهن رنبير ڪپور پڻ اهڙي سوال تي چيو هو ته هن وقت ان معاملي تي ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو .
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟