نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل، ن ليگ پاران انتقامي ڪارروائي قرار

0Shares

اسلام آباد/لاهور(م ڊ) وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. نجي ٽي وي مطابق گهرو وزارت وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ورتا آهن. ٻئي طرف ن ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب جو نالو اي سي ايل ۾وجهڻ سياسي انتقام آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق وفاقي حڪومت پاران نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا  جي پهرين اجلاس ۾ ئي نواز شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ سياسي انتقام آهي، ميان نواز شريف کي اي سي ايل ۾ رکڻ عمران خان حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويندو. هوڏانهن فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب جو عمل شروع ڪندو، ڪابينا ميمبرن جي سرڪاري خرچ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ اضافي گاڏين جي نيلامي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ حسن نواز، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي ملڪ واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني دولت کي واپس آڻڻ لاءِ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي، وفاقي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانه خاڪن جي ٻيهر ڇپائي جي پرزور مذمت ڪري ٿي، هالينڊ جي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪنداسين، او آءِ سي جي فورم تي پڻ ان معاملي کي اٿاريو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں