پاڪستان ۽ ڀارت کي مستقبل لاءِ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان نوجوت سنگهه سڌو کي امن جو سفير قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته مستقبل طرف اڳڀرائي لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ تي نوجوت سنگهه سڌو جو ٿورائتو آهيان، هو امن جو سفير هو جنهن کي پاڪستانين تمام گهڻي محبت ڏني. هن چيو ته ڀارت ۾ جيڪي ماڻهو سڌو تي تنقيد ڪن ٿا اهي امن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته امن کانسواءِ اسان جا ماڻهو ترقي نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، بهتر مستقبل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. سندس چوڻ هو ته غربت جي خاتمي ۽ ننڍي کنڊ جي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ جو سولو نسخو آهي ته ڳالهين ذريعي تڪرارن جو حل ڪڍيو وڃي ۽ گڏيل واپار جي شروعات ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو  ته مستقبل طرف قدم وڌائڻ لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته نوجوت سنگهه سڌو امن جو سفير آهي، منهنجي حلف برداري واري تقريب ۾ شامل ٿيڻ تي نوجوت سنگهه سڌو جو ٿورائتو آهيان، هن پاڪستاني عوام کي پيار ۽ محبت ڏني. هن چيو ته ڀارت ۾ جيڪي ماڻهو سڌو خلاف تلوارون کڻي بيٺل آهن اهي حقيقت ۾ برصغير جي امن تي حملو ڪندڙ آهن، امن کانسواءِ اسان جي ماڻهن جي ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير معاملي سميت سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته غربت جي خاتمي جو بهتر حل ڳالهيون ۽ واپار آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں