ٿر ۽ عمرڪوٽ جون 192 ديهون آفت سٽيل قرار، اوڳاڙيون معاف، في ڪٽنب 50 ڪلو ڪڻڪ ورهائڻ جو اعلان

0Shares

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو پهريون اجلاس سومر ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا جن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي ڪجهه حصن کي ڏڪار سٽيل علائقا قرار ڏنا ۽ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ قبرستان لاءِ ايراضي مختص ڪئي وڃي ۽ ڪراچي جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ڊيسيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سمورن اٺن وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن،  چيف سيڪريٽري سنڌ، انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ٽن مهينن جو بجيٽ پاس ڪيو هو ته جيئن نگران حڪومت سيپٽمبر 2018ع تائين ضروري خرچ ڪري سگهي، هاڻ اسان 30 سيپٽيمبر کان پهرين نئون بجيٽ بڻائينداسين ۽ ان کي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. صوبي جي مالي صورتحال تمام سٺي نه آهي ڇاڪاڻ ته اسان وفاقي حڪومت کان جيڪي فنڊ جي اميد ڪري رهيا هئاسين اهي ناهن مليا. هن لگزري گاڏين جي استعمال بابت سوموٽو ڪيس جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي آهي ته هُو ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊي ۾ ان آئٽم کي رکي ته جيئن گاڏين جي حوالي سان مناسب فيصلو ڪري سگهجي. وڏي وزير صوبائي وزير بلديات کي هدايت ڪئي ته هُو ڪراچي ۾ ڊيسيلينيشن کي پلانٽ لڳائڻ وارو ڪم جنگي بنياد تي شروع ڪيو ويو وڃي ته جيئن شهر ۾ پاڻي جي مسئلي کي جلد حل ڪري سگهجي. گهرو سيڪٽري ۽ آءِ جي پوليس ڪابينا کي صوبي ۾ امن امان واري صورتحال بابت بريفنگ ڏني. گهرو سيڪريٽري محمد هارون اجلاس کي ٻڌايو ته سموري صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. هن ٻڌايو ته ڪمشنرن، ڊي سيز، ڊي آءِ جيز کي امن امان، صفائي ۽ عيدالاضحيٰ دوران ٻين انتظامن بابت ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سمورن ڊي سيز کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اهي عيد دوران ضروري تصديق ۽ سموري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد کلن جي خريد ۽ فروخت لاءِ ڊيلرز / چيئرٽيز کي لائسنس جاري ڪري سگهن ٿا. ڪابينا کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته کلن بابت ضابطه اخلاق انگريزي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت پاران قائم ڪيل جانورن جي منڊي کانسواءِ ٻين جانورن جي منڊي تي شق هيٺ سي آر پي سي تحت پابندي لاڳو آهي. پابندي مڙهيل تنظيمن شيڊول فور جي فهرست شايع ڪئي وئي آهي ۽ سمورن اٿارٽيز کي فراهم ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن جي سرگرمين تي نگاهه رکي وڃي. آءِ جي پوليس ڪابينا کي امن امان جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ-بلوچستان ۽ سنڌ-پنجاب جي سرحدن تي چرپر جي نگراني ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي چيو ته گذريل عيدالاضحيٰ تي دهشتگردن شڪارپور ۾ ڌماڪو ڪيو هو انڪري پوليس کي گهرجي ته اهي جيڪب آباد، شڪارپور، دادو ۽ انهن جي ويجهن ٻين ضلعن ۾ سخت کان سخت اپاءَ ورتا وڃن. سيڪريٽري آبپاشي جمال شاهه ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڻي کوٽ ڪري سارين جي فصل کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. واضح رهي ته خريف جي مند پهرين اپريل کان 10 جولاءِ تائين شروع ٿيندي آهي ۽ خريف جي آخري مند پهرين جون کان 30 سيپٽمبر تائين جاري رهندي آهي. شروعاتي خريف پاڻي فراهميءَ جو دارو مدار ذخيرو ڪيل پاڻيءَ تي هوندو آهي. ارسا مارچ ۾ سٺي اڳڪٿي ڪئي هئي، هنن ٻڌايو هو ته شروعاتي خريف ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ 31 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ هوندي ۽ آخري خريف ۾ 10 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿيندي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو هو، بعد ۾ ارسا 42 سيڪڙو تائين پاڻيءَ جي کوٽ ٻڌائي جڏهن ته اصل ۾ پاڻي جي کوٽ 58 سيڪڙو ريڪاڊ ڪيوويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ابتدائي خريف کان پهرين تربيلا ۽ منگلا ڊيم مارچ 2018ع جي پهرين هفتي ۾ خشڪ هئا. تربيلا ڊيم ۾ ڊيڊ ليول 1386 ۽ منگلا ڊيم ۾ ڊيڊ ليول 1050 کي ڇهي رهيو هو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تربيلا ۾ هاڻوڪي گنجائش 6.05 آهي ۽ پهرين اپريل 2018 تائين ذخيرو ٻڙي هو، جڏهن ته منگلا ڊيم جي هاڻوڪي گنجائش 7.40 آهي ۽ پهرين اپريل 2018ع تائين ان ۾ پڻ ذخيرو ٻڙي هو. رم اسٽيشن تي 2017ع ۾ پاڻيءَ جي اچڻ جي حوالي سان خشڪ ترين ورهين مان هڪ هو پر هن سال صورتحال ان کان به خراب هئي. سال 2018 ۾ پاڻيءَ جي کوٽ اپريل دوران 45 سيڪڙو، مئي 53 سيڪڙو، جون 38 سيڪڙو، جولاءِ 14 سيڪڙو ۽ آگسٽ دوران 25 سيڪڙو هئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گڊو بئراج ۾ هن وقت ۾ ڊسچارج 256000 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته معاهدي مطابق 37000 مختص آهي. جڏهن ته نڪاسي 28765 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جو اصل ڊسچارج 205000 ڪيوسڪ آهي جيڪو معاهدي مطابق 56600 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته نڪاسي 55645 ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي بئراج ۾ ڊسچارج 52000 آهي جڏهن ته معاهدي مطابق 23400 ڪيوسڪ مختص آهي ۽ نڪاسي 41835 ڪيوسڪ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيئڻ جي پاڻيءَ کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي، ان سان گڏ ڪپهه جي فصل کي به ترجيح ڏئي رهيا آهيون جيڪا 31 مئي 2018 تائين موسم جي حساب سان پوک ٿيڻ گهرجي. سارين جي ٻج لاءِ فراهمي هڪ مهيني لاءِ دير ٿيندي آهي ته ان جو مطلب آهي ته اها 10 جون 2018ع تائين ٿيندي ۽ ٽرانسپلانٽيشن ۾ به پهرين جولاءِ تائين دير ٿيندي آهي. شيڊول آبادگارن جي اطلاع لاءِ شايع ڪيو ويو هو، ان سان گڏ پاڻيءَ جي وارا بندي به شايع ۽ ان تي عملدرآمد ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي کي ڏسندي پاڻي جي دستيابي جي صورتحال خراب ٿيڻ جي اميد آهي. تنهن ڪري ان حوالي سان امڪاني اپاءَ ورتا وڃن. هن چيو ته ديا مير ڀاشا ڊيم جي تعمير، پاڻي جي نگراني ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان موئثر اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ هن تجويز پيش ڪئي ته سارين جي پوکي کي هڪ مهيني تائين دير سان ڪيو وڃي ۽ اها پهرين مئي کان 15 جون هجي. آبپاشي کاتي تجويز پيش ڪئي ته روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال وغيره تي سارين جي پوکيءَ تي پابندي لاڳو تي عملدرآمد ڪيو وڃي. آبپاشي کاتي اها پڻ تجويز ڏني ته هاءِ ڊيلٽا فصل کي ڪارآمد لو ڊيلٽا فصل سان تبديل ڪيو وڃي ۽ غيربارهمئسي علائقن ۾ هڪ ڀيرو پاڻي واري فصل کي سپورٽ ڪيو وڃي جهڙوڪ آئل سيڊ فصل جن کي رڳو هڪ ڀيرو پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي. زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن کي به ڏٺو وڃي ۽ کاري پاڻي سان به زراعت کي وڌائي سگهجي ٿو. سيوهڻ بئراج ڪمپليڪس کي به هٿي وٺرائي وڃي ۽ منڇر ڍنڍ جي ذخيرن ۽ ڦليلي واهه کي به پيرينيئل ڪئنال ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪينجهر، هاليجي، هيڊرو ۽ ٻين کي به هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن ڪراچي ڪي بي فيڊر لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ذخيرا ميسر آڻي سگهجن. وڏي وزير صوبائي وزير ۽ صلاحڪارن کي هدايت ڪئي ته اهي بئراجن جا دورا ڪيا وڃن ۽ موقعي تي پاڻيءَ جي بريفنگ حاصل ڪري کين رپورٽ ڏني وڃي. صوبائي وزير شبير بجاراڻي گڊو بئراج جو دور ڪندو، وڏي وزير جو صلاحڪار محمد بخش مهر سکر بئراج جو دورو ڪندو، اسماعيل راهو ڪوٽڙي بئراج ۽ سيد سردار شاهه ۽ مخدوم محبوب زمان سکر بئراج جي ليفٽ بينڪ ڪئنال جا دورا ڪندا. وڏي وزير چيو ته سندس سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي سارين کي پوکي تي پابندي لاڳو آهي. هن چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته درياهه جي کاٻي ڪناري تي سارين جي فصل بابت سمورين ڊپٽي ڪمشنرن کان رپورٽ حاصل ڪئي وڃي ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. سينيئر ميمبر آف روينيو اقبال درانيءَ ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته ڏڪار وارو عرصو عام طور تي خشڪ موسم ڪري ٿيندو آهي جيڪو ڊگهي عرصي تائين پکڙجي ويو آهي جنهن ڪري خطي ۾ پوکيءَ کي نقصان رسيو آهي ۽ ماڻهو پڻ متاثر ٿيا آهن. مٺي ۾ گذريل ٽن مهينن دوران جون کان آگسٽ 58 ايم ايم برسات ٿي آهي. اسلام ڪوٽ 24 ايم ايم، ڏيپلو 51 ايم ايم، ڪلوئي 10 ايم ايم، ڇاڇرو 105 ايم ايم، دهلي 120 ايم ايم ۽ ننگر پارڪر ۾ 40 ايم ايم برسات ٿي آهي. ٿرپارڪر جي سمورن تعلقن جي 167 ديهن ۽ عمرڪوٽ جي 25 ديهن کي ڏڪار سٽيل علائقا قرار ڏنو ويو آهي. ٿر جي آبادي 16171715 آهي ۽ 216206 متاثر ٿيا آهن. ٿر ۾ 323435 گهراڻا ۽ عمرڪوٽ جا 43240 گهراڻا متاثر ٿيا آهن. بورڊ آف روينيو سفارش کي ته سرڪاري واجبات ملتوي ڪيا وڃن، سرڪاري ڊيوٽيز جهڙوڪ ليڊ ٽيڪس ۽ زرعي انڪم ٽيڪس معاف ڪيا وڃن، ان سان گڏ ڪڻڪ به ورهائي سگهجي ٿي ۽ امدادي ڪمن لاءِ فنڊز به فراهم ڪيا وڃن. ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر مهيني هر هڪ گهراڻي لاءِ 50 ڪلوگرام ڪڻڪ ورهائي وڃي. وڏي وزير سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته هُو اڇڙي ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان مان به لاڳاپيل ڊي سيز کان ڏڪار واري صورتحال معلوم ڪري ته جيئن اتي رهندڙ رهواسين جي پڻ مدد ڪري سگهجي. 

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں