ڦريل ناڻي جي واپسي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم، نوازشريف، مريم جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( بيورو ) وفاقي ڪابينا وزيرن جي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه علاج ڪرائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهه مان ڦريل دولت جي واپسيءَ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بئريسٽر شهزاد اڪبر جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ٽاسڪ فورس کي پرڏيهه مان قومي دولت جي واپسيءَ لاءِ ٻن هفتن ۾حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٽاسڪ فورس سمورين وزارتن مان مني لانڊرنگ جي ڪيسن جا تفصيل گڏ ڪندي جڏهن ته پرڏيهه رقم جي واپسي جي ٺاهن جو به جائزو وٺندي.  وزيراعظم عمران خان سمورن وزيرن کي ٽاسڪ ڏيندي چيو ته گوڊ گورننس ۽ ميرٽ جو نظام اختيار ڪيو وڃي ڇو ته عوام جي ڏنل مئنڊيٽ تي پورو لهڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن. سندس چوڻ هو ته مان پاڻ سمورين وزارتن جي پاڻ نگراني ڪندس. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي ربيفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قانون ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته حسن، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ايون فيلڊ فليٽس پاڪستاني عوام جي ملڪيت آهن، قانون واري وزارت ان سلسلي ۾ برطانيا حڪومت سان رابطو ڪندي. فواد چوڌري چيو ته وزيرن جي پرڏيهي دورن کي محدود ڪيو ويو آهي، ڪرپشن جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي ملڪيت جو پتو لڳائي واپس آڻيندي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس جي 88 گاڏين کي نيلام ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں