اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزائن خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شريف خاندان جي سزا خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن کانپوءِ عدالت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو. ٻڌڻي دوران نيب موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شريف خاندان خلاف ريفرنس داخل ڪيا ۽ عدالت عظميٰ جي حڪم تي گڏيل جاچ ٽيم ٺاهي وئي. سردار مظفر عباسي چيو ته لنڊن فليٽس نيلسن ۽ نيسڪول جي نالي تي هئا، اسان دستاويزن سان ثابت ڪري ڇڏيو ته انهن ڪمپنين جو مالڪ نواز شريف آهي ۽ اهي فليٽ سندس ئي ملڪيت آهن، جڏهن ته انهن فليٽن جي ملڪيت ثابت ڪرڻ نواز شريف جو ئي ڪم آهي. نيب عدالت کي درخواست ڪئي ته نواز شريف ۽ ٻين جوابدارن کي جيل ۾ ئي رکيو وڃي ۽ سزا معطل ڪرڻ جي درخواست خارج ڪئي وڃي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته هن وقت ڪو فيصلو ڌرين کي متاثر ڪري سگهي ٿو، عام موڪلن کانپوءِ اهي درخواستون اپيل سان گڏ ٻڌنداسين. جسٽس اطهر من الله، نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي اها صلاح ڏينداسين، جيڪا توهان جي حق ۾ هجي، فيصلو لکندي اسان کي سبب لکڻا آهن، توهان جي فائدي ۾ آهي ته انهن درخواستن کي ٻڌڻي هيٺ رهڻ ڏيو. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته منهنجو خيال ناهي ته منهنجا دليل حد کان وڌيل آهن، منهنجو ڏاڍو سادو سوال آهي، اڄ مان اهو چوان ٿو ته هي منهنجو اثاثو آهي، هاڻ قانون جي پوزيشن سمپل آهي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته نيب جي قانون موجب ڪيس فڪس ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڏيڻو آهي، اسان سزا معطلي جي درخواستن تي مناسب فيصلو ٻڌائينداسين. بئنچ ۾ شامل ٻنهي ججن صلاح مشورو ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. واضح رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽڻ (ر) صفدر کي سزائون ٻڌايو هيون، جنهن کانپوءِ اهي ٽئي اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟