نيب چيئرمين سپريم ڪورٽ ۾ طلب، نيب کي ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ جو حق ناهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نيب چيئرمين کي سومر تي پنهنجي چيمبر ۾طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس پراسيڪيوٽر جنرل نيب اصغر حيدر کي به پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب پاران ماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائي واپس موٽائڻ جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب کي ڪو به حق ناهي ته ماڻهن جا پٽڪا لاهي، ڇا نيب چاهي ٿو ته پرڏيهه مان ايندڙ سيڙپڪار خوف سبب ڀڄي وڃي؟ هن چيو ته هر ماڻهو کي چور سمجهي پٽڪو نه لاٿو وڃي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته نيب ۾ به ڪاريون رڍون موجود آهن. چيف جسٽس چيو ته پهريون نيب جي عدليه ۾ ڪابه عزت نه هئي، هاڻي نيب جي عدالتن ۾ به عزت ٿيندي آهي. هن چيو ته ڪنهن به طلبي جي معاملي کي ڳجهو هئڻ گهرجي، ڏوهه ثابت ٿيڻ کانسواءِ نيب ڪيئن ڪنهن کي ڏوهي چئي سگهي ٿو. پراسيڪيوٽر جنرل اصغرحيدر چيو ته نيب ۾ به خود احتسابي جو عمل جاري آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں