ديپڪا شادي ۾ سونا ڳهه پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڀارتي روايت جي خلاف پنهنجي شادي ۾ سونا زيور پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي شادي ۾ ڪجهه ئي مهينا رهجي ويا آهن ان ڪري ٻئي ڄڻا پنهنجي گهروارن سان گڏجي زور شور سان تيارين ۾ مصروف آهن.جڏهن ته دپيڪا پنهنجي شادي تي سونا زيور پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هوءَ شادي تي صرف چاندي جا زيور پائيندي. اها ڳالهه حيرات ڪرڻ واري آهي ڇو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنوار سونا زيور نه پائي ته شادي مڪمل ناهي سمجهي ويندي. ميڊيا رپورٽن موجب دپيڪا اهو فيصلو شادي جو خرچ بچائڻ لاءِ ناهي ڪيو پر زيور گهوٽ ۽ ڪنوار جي ڪپڙن جي حساب سان خريد ڪيا ويندا ۽ ان ئي لاءِ دپڪا سون جا نه پر چاني جا زيور پائيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں