پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي، احسان ماني کي چيئرمين بڻائڻ جو امڪان

0Shares

لاهور  (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجمه سيٺي پنهنجي عهدي  تان استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو ته نين وزيراعظم جي حلف جو  انتظر ڪري رهيو هئس، پنهنجي استعيفيٰ  ۾ هن پي سي بي ۽ پاڪستانڪرڪيٽ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.  واضح رهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کاناڳ ئي نم سيٺي کي هٽائڻ جواشارو  ڏنو هو. ان سلسلي ۾ 6  پي سي بي جي ريجنل صدرن به وزيراعظم سان حلف کڻڻ کان اڳ ملاقات ڪئي. نجم سيٺي خلاف  شڪايتنجا انبار لڳايا هئا.  ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نجم سيٺي اهو اظهار ڪيوهو ته بطور وزيراعظم  عمران خان بورڊ جو سرپرست اعليٰ آهي ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي ڪنهن شخص کي پي سي بي ۾ آڻڻ چاهي ٿو ته مون کي اشارو ڏيئي ڇڏي استعيفيٰ ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته هو ڪو به اهڙو قدم نه کڻندس جنهن سان پي سي بي ۾ انتشار  ڦهلجي. هن وڌيڪ چيو هو ته سندس روزي ان تي نٿي هلي هو ٽي وي تي پروگرام ڪري سگهي ٿو.  ياد رهي ته 2013ع  ۾ نوازشريف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ  کيس پي سي بي جو چيئرمين بڻايو ويو هو.  ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين جو عهدو خالي ٿيوآهي ته قائم مقام چيئرمين جوعهدو پي سيبي جي اليڪشنڪمشنر کي ملي سگهي ٿو. ذريعنان ۾ امڪان به  ظاهر ڪيو آهي ته نجم سيٺي  جي جڳهه تي آئي سي سي جي اڳوڻي صدر احسان ماني کي پي سي بي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. وزيراعظم کيس  گرين سگنل ڏئي چڪوآهي، ذريعن مطابق ماني  کي پهرين مرحلي ۾ گورننگ  بورڊ جو ميمبر بڻائڻ کان پوءِ پي سي چيئرمين چونڊرايو ويندو. ان حوالي سان عمران خان جي قريبي ساٿي ذاڪر خان کي مڪمل ٽاسڪ  ڏنو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں