چوري جو پئسو واپس آڻڻ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو اعلان، هي ملڪ بچندو يا ڪرپٽ مافيا: وزيراعظم عمران خان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان  قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ چيو ته   پاسڪتان هن وقت 28  هزار ارب رپين جو قرضي بڻجي  چڪو آهي ۽ قرض جو وياج لاهڻ لاءِ قرض کڻڻو  پوي ٿو.  هن چيو ته 10 سال اڳ ملڪ جو قرض 6 هزار ارب هيو جيڪ 2013  ۾ وڌي 15 هزار ارب  ۽ هاڻي 28 هزار ارب ٿي چڪو آهي.  عمران خان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ طرفقوم قرضي بڻجي چڪي آهي ته ٻئي طرف  صاحب اقتدار هن ملڪ ۾ ائين رهن ٿا جيئن انگريز هتي رهندا هئا جڏهن اسين غلام هئاسين. هن چيو ته وزيراعظم وٽ 80 گاڏيون آهن جن  ۾ 33 بلٽ پروف گاڏيون آهن، هر هڪ بلٽ پروف گاڏي جي قيمت 5، 5 ڪروڙ رپيا آهي،  هن چيو ته وزيراعظم جي لاءِ 524 ملازم رکيل آهن ۽ وزيراعظم  هائوس جي پکيڙ 1100 ڪينالن تي آهي.، هن چيو ته گذريل حڪومت دور ۾ پرڏيهي دورن تي 75  ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. قوم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته موسمياتي تبديلين جو مسئلو تمام   گهڻو سنگين ٿي ويو آهي، پاڪستان دنيا جو ستون وڏو متاثر ملڪ بڻجي ويو آهي.  وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سوا 2 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، آبادي به وڌي رهي آهي، جيڪڏهن انهن کي تعليم نه ڏئي وئي ته انهن ٻارن جوڇا ٿيندو.  عمران خان خطاب ڪندي چيو ته   ڏکئي وقت ۾  گڏ هلندڙن جو ٿورائتو آهيان ۽ اڄ احسن رشيد کي تمام گهڻو ياد ڪري رهيو آهيان.  عمران خان  چيو ته مان سياست  کي  ڪيريئر سمجهي ناهيان آهيون پر  سياست ۾ ان ڪري آيو آهيان ته  پاڪستان ئي  اهڙو ئي ملڪ   ٺاهيان جيئن ان کي هئڻ گهرجي. عمران خان چيو ته  اسان انهن پنجن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي  خوراڪ نه ملڻ سبب  عورتن جي صحت متاثر ٿي رهي آهي.  عمران خان وزيراعظم  جي استعمال ۾ ايندڙ سموريون گاڏيون نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو.   مديني جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  حضرت محمدﷺسڀ کان پهرين قانون  جي بالادستي قائم ڪئي ۽ چيو ته سڀ  انسان قانون اڳيان برابر آهن. هن  چيو ته  حضورﷺ جن زڪوات جو نظام لاڳو ڪيو ۽ مغرب  ان تي عمل ڪري رهيو آهي، سوئيڊن ۽ ناروي  ۾ اهڙو نظام لاڳو ٿيو  آهي. وزيراعظم چيو ته  اڄ وقت آهي ته اسان پنهنجون حالتون تبديل ڪيون، اسان کي دل ۾ رحم پيدا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻي  تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بچت مان حاصل  ٿيندڙ رقم  غريب ۽ نظرانداز  ٿيل طبقي  تي خرچ ڪئي ويندي،  ته جيئن معاشري  جي ٻين ماڻهن  جيان هو به اڳتي اچن ۽ ملڪ  جي ترقي  لاءِ پنهنجو ڪردار  ادا ڪري سگهن. هن چيو ته گورنر هائوسز  ۽ سي ايم هائوس ڪفايت شاري  اختيار ڪندا.  ٽاسڪ فورس قائم ڪيو ويندو  جيئن  خرچن کي گهٽائي سگهجي. هن چيو ته  اسان ٻاهرين ملڪن کان قرض وٺي رهيا آهيون،۽ قرض وٺڻ سان ڪو به ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو آهي. هن  چيو ته سڀ کان پهريان ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻو  آهي،  وڏن وڏن گهرن ۾ رهندڙ  ٽيڪس نه ٿا ڏين،  اسان سادگي ۽ ڪفايت شاري جي مهم هلائينداسين.  عمران خان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهاريندس.  20  ڪروڙ  جي آبادي  ۾ پاڪستان ۾ صرف 8 لک ماڻهو ٽيڪس ڏئي رهيا آهن، ائين ملڪ نه هلندو،  مان واعدو ٿو ڪيان ته  سڀ کان پهريان ايف بي آر کي   ٺيڪ ڪرڻو پوندو.  عمران خان چيو ته  ان کان پوءِ  عوام ۾ اهو اعتماد  ڏيندس ته  هو پنهنجي ٽيڪس  جي  حفاظت پاڻ ڪن۽ روز عوام کي ٻڌائينداسين ته  اسان عوام جو ڪيترو پئسو بچائي رهيا آهيون ۽ شهرين کي فرض آهي ته هو ٽيڪس ادا ڪن. قوم جي  عزت خاطر ٽيڪس ضرور ادا ڪن. جڏهن  پئسي وارا  ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ته ان سان هيٺين طبقي جي ماڻهن  کي مٿي آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن  ٽيڪس جو نظام  ٺيڪ ٿي ويو ته  معاشي  مسئلا پاڻ  حل ٿي ويندا ۽ پنهنجا خرچ پنهنجن وسيلن  تي پورا ڪري وٺنداسين. عمران خان خطاب ڪندي چيو ته  پرڏيهه ۾ موجود  پاڪستان جو پئسو  واپس آڻڻ لاءِ  ٽاسڪ فورس قائم ڪنداسين،  هر سال  اربين ڊالر  ٻاهرين ملڪ مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر  هليو ويندو آهي. . عمران خان قوم کي  اپيل ڪئي ته  اهڙن ليڊرن کي ووٽ نه ڏنو وڃي  جنهن جو پئسو ٻاهر آهي،  جنهن  ان جو پئسو ٻاهر  هوندو ته هو ملڪ  مخلص نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته  غير ملڪي پاڪستاني لاءِ  سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪنداسين، اسين چاهينداسين ته پنهنجو پئسو  هاڻي آڻي   ملڪ جي بئنڪن ۾ رکون  اسان کي ڊالر جي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته  پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري  انهن کي ملڪ ۾ آڻينداسين. جئين ملڪي برآمد ۾ اضافو ٿيو. عمران خان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته  هو پنهنجو پئسو پاڪستان ۾ آڻين  پنهنجو پئسو پاڪستان تي لڳائين،  هن چيو ته  پاڪستان هن وقت  مشڪل وقت ۾ آهي،  جيڪو به پئسو موڪلي اهو پنهنجي ذريعي پنهنجو پئسو موڪلي. هن  چيو ته ملڪ کي مشڪل وقت مان ڪڍڻ لاءِ  اسان کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين  جي مدد جي سخت ضرورت  آهي. عمران خان ڪرپشن جي نشاهدي ڪندڙن لاءِ انعام جو اعلان ڪيو. هن چيو ته  ڪرپشن جي  خاتمي لاءِ  قانون سازي ڪنداسين جنهن کي  وسل  بلوور ايڪٽ جو نالو ڏنوويندو. هن چيو ته  ان قانون  تحت سرڪاري کاتن ۾ جيڪي به شخص  ڪرپشن جي نشآندهي ڪندو  ان کي  ڪرپشن مان حاصل ٿيندڙ رقم جو 20 سيڪڙو انعام ڏنو ويندو ۽ ان سان گڏ  سڄي ملڪ  جي جيلن ۽ پوليس نظام کي  درست ڪنداسين  عدالتي نظام جي سڌاري بابت عمران خان خطاب ڪندي چيو ته  سپريم ڪورٽ جي  چيف جسٽس  سان مشاورت ڪنداسين،  ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته   ڪو به ڪيس هڪ سال کان وڌيڪ نه هلي. وزيراعظم چيوته  چيف جسٽس کي اپيل  ڪنداسين ته ڪنهن به بيوهه عورت جو  جو ڪيس رولڙي جو شڪار  نه ٿئي ۽ ان کي جلد اڪلايو وڃي.  عمران خان چيو ته پنجاب پوليس جو نظام تبديل ڪرڻ لاءِ ڪي پي جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني کان خدمتون حاصل ڪيون  وينديون.   هن چيو ته ناصر دراني کي پنجاب ۾ مشير طور مقرر ڪيو ويندو.  هن چيو ته ناصر دراني کي پنجاب ۾ پوليس نظآم ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو  ڏنو ويندو. چيو ته  سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي  ۽ پوليس  صوبائي حڪومت  جو معاملو آهي  ان ڪري اتي  سڌو سئون مداخلت ڪري نه ٿا سگهون  پوءِ به سنڌ پوليس کي  ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. عمران خان چيو ته  تعليم جي شعبي ۾  هنگامي طور تي  ڪم ڪرڻ جي ضرورت  آهي،  2 ڪروڙ کان  وڌيڪ ٻار  اسڪول کان ٻاهر آهن،  انهن کي تعليم ڏيڻي آهي. هن  چيو ته سڀ کان وڌيڪ زور سرسرڪاري اسڪولن کي   ٺيڪ تي لڳائڻو آهي ته جيئن غريب جو ٻار اميرن  جي ٻارن جيان  تعليم حاصل ڪري سگهي.  هن  چيو ته سندس ويزن آهي ته مدرسي مان نڪرندڙ ٻار انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بڻجن.عمران خان هيلٿ ڪارڊ جو اعلان ڪندي چيو ته  سڀ کان پهريان  پنهنجي سرڪاري اسپتالن  کي ٺيڪ ڪرڻو آهي،  هن چيو جتي اسان جي ٻن صوبن ۾ اسان جي حڪومت آهي اتي پاڻ ۽ سنڌ حڪومت کي درخواست ڪنداسين ته هو پنهنجو نظآم درست ڪن. عمران خان خطاب دوران سڄي ملڪ  جي غريب  گهراڻن  لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، عمران خان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جو وڏو  مسئلو آهي،   ڪراچي، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ پاڻي جو تمام  وڏو مسئلو آهي،  پاڻي بابت هڪ منسٽري قائم ڪري رهيا آهيون ۽ ڀاشا ڊيم هر قيمت تي ٺاهڻو آهي، هن چيو ته سول سروس ۾ سزا ۽ جزا  جو نظام لاڳو ڪيو ويندو. هن  چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن ايم پي اي  کي فنڊ ناهي ملندو  اسان پنجن سالن ۾ پنجاهه  لک  ٺاهينداسين. عمران خان چيو ته ڪراچي، لاهور  ۾ راندين جي ميدانن تي قبضا ٿي چڪا  آهن، عمران خان  چيو ته  اسان وڻ لڳائڻ واري مهم شروع ڪنداسين  اسان کي وڏي پئماني تي ملڪ کي سرسبز بڻائڻو آهي. هن  چيو ته ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ گند ڪچرو اڇلائي ان کي گندو ڪيو پيو وڃي.  سڄي ملڪ ۾ صفائي مهم شروع ڪئي ويندي، ۽ ٽارگيٽ آهي ته پنجن سالن ۾ ملڪ صاف سٿرو بڻجي وڃي.هن چيو ته  ڏکڻ پنجاب صوبو ٺهڻ گهرجي  ۽ اتي فوري طور تي  ڪم ڪنداسين. هن چيو ته فاٽا ۾  حالتون خراب  آهن،  جلد ترقياتي  ڪم شروع ڪرائينداسين. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرايو ويندو. پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائينداسين. هن  چيو ته جيستائين اقتدار ۾ آهيان ڪو به ڪاروبار نه ڪندس.  مان سادگي اختيار ڪندس ۽ عوام جو هڪ هڪ  پئسو بچائي  ڏيکاريندس. هن چيو ته منهنجو ڪنهن سان  ڪو به ذاتي جهيڙو ناهي،  عوام جو پئسو ٻاهر کڻي ويندڙ منهنجو دشمن آهي. هن چيو ته هڪ ايندو ته  پاڪستان ۾ ڪو به  زڪوات نه وٺندو. عمران خان چيو ته مان وزيراعظم هائوس ۾ ٻه ملازم ۽ ٻه گاڏيون رکندس، گاڏيون ان لاءِ ته سيڪيورٽي مسئلو آهي، نه ته مان بني گالا ۾ رهان ها، جڏهن ته گورنر هائوسز ۾ اسان جو ڪو گورنر نه ويهندو، ان لاءِ دانشورن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جيڪا اسان کي ٻڌائيندي ته ڇا ڪرڻ گهرجي، اسان هڪ وڏي يونيورسٽي ٺاهينداسين. هن چيو ته ڊاڪٽر عشرت حسين جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺهندي، جيڪا طئي ڪندي ته اسان ڪيئن پنهنجا خرچ گهٽ ڪيون ته جيئن انهن پئسن مان اسان ٻيا ڪم ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته مان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيان ٿو، منهنجي سياست جو مقصد ملڪ جي بهتري آهي. وزيراعظم چيو ته  خرچ گهٽائيندس گورنر هائوسز ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪنداسين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب چيئرمين ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ چيف جسٽس سان ملاقات ڪندس چيف جسٽس بيواه عورتن جا ڪيس حل ڪري ماڻهو مري وڃن ٿا پر سالن جا سال ڪيس حل نٿا ٿين ڪرپٽ ماڻهن تي جڏهن هٿ وجهنداسين ته اهي شور مچائيندا هر سال هڪ هزار ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي مني لانڊرنگ ڪري پئسو باهر کڻي ويندرن تي ٻاهران ئي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو وزيراعظم عمران خان چيو ته  ڏکڻ  پنجاب صوبو ٺاهي ڏيکارينداسين ملٽري سيڪريٽري جي ٽن ڪمرن ۾ رهندس وزيراعظم هائسو ۽ گورنر هائوسز  ۾ سادگي اختيار ڪندس ڪراچي ۾ صفائي ڪرائي پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪنداسين وزيراعظم لاءِ موجود گاڏيون نيلام ڪنداسين هن چيو ته يا هي ملڪ پچندو يا ڪرپٽ بچندا عوام ساٿ ڏئي ڪرپٽ مافيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان هن چيو ته جڏهن ڪرپٽ مافيا تي هٿ وجهنداسين ته  اهي شور مچائيندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں