سنڌ جي 8 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو، محبوب الزمان روينيو، عذرا پيچوهو صحت ۽ سردار شاهه تعليم جا وزير ٿي ويا

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ شامل 8 وزيرن حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته 2 صلاحڪارن جو نوٽيفڪيشن سڀاڻي جاري ڪيو ويندو.رپورٽ موجب سنڌ ڪابينا جي نئين چونڊيل 8 وزيرن حلف کڻي ورتو آهي، حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني نون چونڊيل وزيرن کان حلف ورتو جن ۾ عذرا پيچوهو، سعيد غني، شهلا رضا، اسماعيل راهو، هري رام، شبير بجاراڻي، سيد سردار شاهه ۽ مخدوم محبوب الزمان شامل آهن. ڪابينا ۾ بيرسٽري مرتضيٰ وهاب ۽ محمد بخش مهر کي صلاحڪار جي طور تي شامل ڪيو ويو آهي ۽ سندس صلاحڪار طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. تقريب ۾ مخدوم جميل الزمان ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري پ پ جي چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي مخدوم محبوب الزمان کي روينيو، عذرا فضل پيچوهو کي صحت ۽ بهبود آبادي شهلا رضا کي عورتن جي ترقي، شبير بجاراڻي کي معدنيات، سعيد غني کي مڪاني ادارن ۽ ڳوٺاڻي ترقي سردار شاهه کي تعليم ۽ ثقافت، محمد بخش مهر کي صنعت ۽ واپار، هنري رام کي جيلن ۽ اقليتي معاملن، مرتصيٰ وهاب کي قانون ۽ اينٽي ڪرپشن، اسماعيل راهو کي زراعت جا قلمدان سونيپا پيا وڃن ٻئي طرف ذريعي جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 وزيرن ۽ 3 صلاحڪارن جي سموليت جو امڪان آهي صوبائي وزير طور مير نادر مگسي، محمد علي ملڪاڻي سيد ناصر حسين شاهه ۽ سهيل انور جا نالا غور هيٺ آهن جڌهن ته ذريعي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته صلاحڪار طور اردو ڳالهائيندڙ پارٽي اڳواڻن کي شامل ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں