تحريڪ انصاف جو تخت لاهور تي راڄ، عثمان بوزدار پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو

لاهور (بيورو) تخت لاهور به مسلم ليگ ن کان کسجي ويو آهي، تحريڪ انصاف جو سردار عثمان بزدار پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن ڳجهي راءِ شماري بدران ٻن واضح حصن ۾ ورهائجي نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪئي ، ميمبر ٻن الڳ الڳ دروازن کان ايوان ۾ داخل ٿي پنهنجي اميدوار کي ووٽ  ڪاسٽ ڪيو. دروازي تي ئي ميمبرن جي ڳڻپڪئي وئي. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته سردار عثمان بوزدار 186 ووٽ کڻي پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي جڏهن ته حمزا شهباز شريف کي 159 ووٽ ملي سگهيا. تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي جي 119 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، 29 ميمبرن تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيا، عورتن جي مخصوص 33 ۽ اقليت جي چئن سيٽن بعد پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو تعداد 179 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ ن عام چونڊن ۾ پنجاب اسيمبلي جي 129 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، هڪ آزاد ميمبر ساڻس شامل ٿيو، عورتن جي 30 ۽ چئن اقليتي سيٽون ملڻ بعد ن ليگ جي ميمبرن جو تعداد 164 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ ق 7 جنرل سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هڪ آزاد ميمبر شامل ٿيڻ بعد ميمبرن جو تعداد 8 ٿي ويو آهي، عورتن جون 2 سيٽون ملڻ بعد سندن تعداد 10 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ پ پ 6 جنرل سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هڪ سيٽ بعد سندن ميمبرن جو تعداد 7 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته  پهرين ترجيح گوڊ گورننس ۽ ڪرپشن جو خاتمو هوندو، سموري ايوان سامهون ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙي ڇڏينداسين، جتي به ميمبر هوندا اهي پنهنجي تڪ جا وڏا وزير هوندا. پنجاب اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي عثمان بوزدار چيو ته الله کانپوءِ عمران خان جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي قائد ايوان نامزد ڪيو آهي، منهنجو تعلق پوئتي پيل علائقي سان آهي، اڄ به منهنجي گهر ۾ بجلي ناهي.  هن چيو ته اهڙي علائقي سان تعلق رکان ٿو جتي غربت آهي، منهنجا دوست پڇن ٿا ته مون کي وڏو وزير چونڊيو ويو، کين جواب ڏيان ٿو ته منهنجي ميرٽ اها آهي ته منهنجو تعلق سڀ کان پوئتي پيل علائقي سان آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پهرين ترجيح گوڊ گورننس ۽ ڪرپشن جو خاتمو هوندو، پوليس جي نظام کي به ڪي پي جي طرز تي بڻايو ويندو، لوڪل گورنمينٽ کي مضبوط ڪنداسين ۽ سسٽم ڏينداسين.سردار عثمان بوزدار چيو ته مخالف ڌر اسان جي صلاح ڪري کين ڀليڪار چونداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں