سنڌ ورڇ جوڳي پول ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏئي ٿي، حصو به اوترو کپي: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيوآهي ته سنڌو ورڇ جوڳي پول ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏيندوآهي اسانکي موٽ ۾ حصو به ان حساب سان ملڻ گهرجي.  سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاھ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو معاملو سڀ کان اهم آهي. سنڌ جو ڪنهن به ٻئي صوبي کان وڌيڪ حصو ٺهي ٿو جيڪو ملڻ گهري ٿو. هن چيو ته وفاقي سرڪار کي مسئلنجي حل لاءِ  سنڌ سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. ڏسون وفاق ننڍن صوبن  کي حق ڏي ٿو يا نه؟  پر اسين جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته احتساب مناسب طريقي سان ٿيڻ گهرجي.  احتساب جي نالي تي انتقام  قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اسين ڪرپشن تي ڪنٽرول لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين. اسين سنڌ جي عوام جي خدمت ڪنداسين. سنڌ ڪابينا ۾ سڀ پڙهيل ڳڙهيل ۽ تجربيڪار ميمبر آهن .اسين عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وڏي وزير  هڪ سوال جي جواب ۾  پي ٽي آءِ ميمبر عمران شاھ پاران  شهريءَ کي وچ روڊ تي  ڪيل مارڪٽ قبول جوڳو عمل ناهي.  اها اسانجي بدقسمتي آهي  پر اسين تعميري سياست ۽ روين لاءِ پراميد آهيون.  وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت سدائين ڪراچي لاءِ خاص پئڪيج ڏيڻ جا وڏا وڏا واعدا ته ڪيا، پر ڪيو ڪجهه ناهي، ن ليگ حڪومت ڪراچي لاءِ 25 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو هو پر اها رڳو لفظي ڳالهه ثابت  ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن  پي ٽي آءِ ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ته اسين سندن آجيان ڪنداسين. هن ڪابينا ۾ واڌ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ان ۾ عيد بعد واڌ ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں