حج مناسڪ جي شروعات، لکين پانڌيئڙا منيٰ پهچي ويا، خيمن جي بستي آباد

0Shares

رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ حج جي ادائيگي لاءِ پوري دنيا مان لکين پانڌيئڙن جي مڪي پاڪ کان منيٰ روانگي شروع ٿي جتي دنيا جي سڀ کان وڏي خيما بستي آباد ٿي وئي. هلندڙ سال 20 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙا حج ادا ڪري رهيا آهن جن ۾ هڪ لک 84 هزار پاڪستاني پانڌيئڙا به شامل آهن. 8 ذوالحج کان حج پانڌيئڙن جي مڪي پاڪ کان منيٰ پهچي ويا، منيٰ ۾ رهڻ کانپوءِ پانڌيئڙا اڄ صبح يعني 9 ذوالحج تي عرفات جي ميدان روانا ٿيندا ۽ حج جو اهم رڪن وقوف عرفا ادا ڪندا. وقوف عرفا جي دوران مسجد نمرا ۾ حج جو خطبو ٿيندو جيڪو هن ڀيري مسجد نبويﷺ جو امام شيخ حسن بن عبدالعزيز آل الشيخ ڏيندو پوءِ ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ڪئي ويندي. حاجي سڳورا ٻئي ڏينهن احرام ڇوڙي قرباني ڪندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں