ڊرامو ڪا ڌمڪي ناهي، ماڻهن کي سوچڻ جو انداز ٻڌائي ٿو: ثانيه سعيد

0Shares

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ثانيه سعيد چيو آهي ته ڊرامو ڪا ڌمڪي يا بحث ناهي، بس اهو ته ماڻهن کي سوچڻ جو انداز ٻڌائيندو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي ثانيا سعيد چيو ته مون کي ٽي وي ڊرامن ۾ عورت کي ولن طور پيش ڪرڻ تي سخت اعتراض آهي.ايئن ناهي ٿيندو ڇو ته هڪ عورت ڇا هر وقت عام زندگي ۾ منفي ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي.ان لاءِ مون کي اهڙن ڊامن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪوبه شوق ناهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪي عورتون پروفيشنل لائف گذارينديون آهن اهي پنهنجي زندگي لاءِ بهتر فيصلا وٺندي نظر اينديون آهن.ثانيه سعيد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان انهن عورتن جي ڳالهه ڪريون ته هائوس وائف طور پنهنجي سڄي ڄمار خاندان جي خدمت لاءِ وقف ڪنديون آهن، ڇا اهو ڪو آسان ڪم آهي.اهي ته 24 ڪلاڪ نوڪري تي رهنديون آهن، ان جي باوجود جڏهن ڊرامن ۾ عورتن جي شخصيت کي منفي پيش ڪيو ويندو آهي ته تمام گهڻو برو لڳندو آهي.ان لاءِ مان اهڙن ڪردارن کي سائن ڪرن کان صاف انڪار ڪندي آهيان ڇو ته مان ڄاڻان ٿي ته عورتون اهڙيون ناهن هونديون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں