جڪارتا ايشين گيمز: پاڪستان جي نيپال کي 2-1 تان شڪست، فٽ بال ۾ 44 سالن کانپوءِ پهرين ڪاميابي

0Shares

جڪارتا(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فٽ بال ٽيم 44 سالن کانپوءِ ايشين گيمز ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، گروپ ميچ ۾ نيپال کي 2-1 تان شڪست ڏني. انڊونيشيا ۾ جاري ميگا ايونٽ ۾ گروپ ڊي ۾ موجود پاڪستان جي آخري/ ميچ ۾ نيپال سان مقابلو ٿيو، گرين شرٽس کي شروعات ئي ۾ ان وقت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن يارهين منٽ ۾ دفاعي رانديگر شهباز يونس غلطي سان بال پنهنجي ئي گول پوسٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ان کانپوءِ ٽيم بهتر راند پيش ڪئي، 55 هين منٽ ۾ محمد بلال فري ڪڪ تي گول ڪندي مقابلو 1-1 سان برابر ڪري ڇڏيو. 72 هين منٽ ۾ ڪپتان صدام حسين گول ڪندي ٽيم کي برتري ڏياري ڇڏي، ان کانپوءِ ڪابه ٽيم گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ ايئن پاڪستان فٽ بال ٽيم جي 1974ع کانپوءِ ايشين گيمز ۾ پهرئين فتح حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں