عمران خان 22هين وزيراعظم طور عهدي جو حلف کڻي ورتو، گارڊ آف آنر پيش

0Shares

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاڪستان جَي 22 هين وزير اعظم طور عهدي جو حلف کڻي ورتو، کيس گاڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. صدر ممنون حسين نئين چونڊيل وزير اعظم عمران خان کان حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب  ۾ عمران خان شيرواني پهري شرڪت ڪئي، تقريب ۾ قومي ترانو هلايو ويو، جنهن بعد سيڪريٽري ڪابينا صدر مملڪت کان تقريب شروع ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي. حلف برداري تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي.جنهن بعد صدر ممنون حسين عمران خان کان وزيراعظم جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري بعد وزيراعظم عمران خان حلف جي دستاويزن تي صحيح ڪئي. نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان کي ٽنهي فوجن جي دستي پاران گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ڪيو. تقريب ۾ جوائنٽ چيف آف اشٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، نيول چيف ۽ ايئر چيف مارشل شرڪت ڪئي. تقريب ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بيبي، اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو، اڳوڻو ڪرڪيٽر وسيم اڪرم، اداڪار جاويد شيخ، پنجاب جو نامزد گورنر چوڌري محمد سرور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ 1992 جي عالمي ڪپ جي فاتح قومي ستارن کانسواءِ ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو پڻ شرڪت ڪئي. نوجوت سنگهه سڌو عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ خاص طور تي پاڪستان آيو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽ نوجوت سنگهه سان ملاقات به ڪئي. ٻئي طرف حلف برداري کانپوءِ نئون چونڊيل وزيراعظم عمران خان وزيراعظم سيڪريٽريٽ پهچي ويو، جتي هن وزيراعظم آفيس جي چارج سنڀالي ورتي، اسٽاف کيس ڀليڪار ڪيو عمران خان وزيراعظم آفيس پهچي سڀني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم کي آفيس اسٽاف پاران سمورن معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں