مراد علي شاهه وڏي وزير طورحلف کڻي ورتو، تقريب ۾ بلاول ۽ بختاور جي شرڪت

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان پنهنجي عهدو جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني مراد علي شاهه کان سندس عهدي جو حلف ورتو. سنڌ جي وڏي وزير/ حلف برداري کان اڳ قومي تراني جي ڌُنَ وڄائي وئي. تقريب ۾ بلاول ڀٽو، خورشيد شاهه، بختاور ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر به شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه جي حلف برداري واري تقريب ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز به شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان به حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو. حلف برداري واري تقريب کان اڳ مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات به ڪئي. تقريب ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، نائب صدر راشد رباني، انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراه، شهلا رضا، سهيل انور سيال، ملڪ اسد سڪندر، سيد ناصر حسين شاهه ۽محمد علي ملڪاڻي سميت پ پ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، پ پ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سينئر ورڪرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں