پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ عثمان بوزدار ۽ حمزه شهباز نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

0Shares

لاهور(بيورو) پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ عثمان بزدار ۽ حمزه شهباز نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. رپورٽن مطابق پنجاب اسيمبلي جي نئين قائد ايوان لاءِ اڄ نامزدگي ڪاغذ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين جمع ڪرائيسگهبا. اسيمبلي اسٽاف نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ لاءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ موجود آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار عثمان بزدار پاڻ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ آيو ۽ ان موقعي تي هن مٺائي به کاڌي. ٻئي پاسي ن ليگ اميدوار حمزه شهباز جا به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، حمزه شهباز مصروفيتن جي ڪري نه آيو، جنهنڪري سندس نامزدگي ڪاغذ پارٽي اڳواڻ خالد وارن جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ رات ساڍي 8 وڳي تائين مڪمل ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ اسيمبلي جو اسپيڪر اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري جو اعلان ڪندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں