جڪارتا ۾ 18 هين ايشين گيمز جو رنگ برنگي تقريب سان افتتاح، پاڪستاني دستو به شامل

جڪارته(اسپورٽس نيوز) 18 هين ايشين گيمز جي شروعات انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارته ۾ ٿي وئي. ايشين گيمز جي شروعات رنگ برنگي افتتاحي تقريب سان ٿي. ايونٽ ۾ 45 ملڪن جي 11 هزار ايٿليٽس حصو ورتو آهي جڏهن ته پاڪستان جو 359 رڪني دستو 35 راندين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. 18 هين ايشين گيمز جي رنگ برنگي افتتاهي تقريب انڊونيشيا گيلورا بنگ ڪارنو اسٽيڊيم اوتاما ۾ ٿي جنهن ۾ انڊونيشيا جي دلڪش ثقافت جو مظاهرو ڪيو ويو. افتتاحي تقريب جي موقعي تي هڪ لک اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا. تقريب ۾ 45 ملڪن جي 11 هزار ايٿليٽس مارچ پاسٽ ڪيو، پاڪستاني دستي جي قيادت پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان رضوان سينيئر ڪئي. ايشين گيمز جي 45 ملڪن جي ايونٽس ۾ پاڪستان 35 راندين ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو، پاڪستاني ويمنز رانديگرياڻيون صرف 15 راندين ۾ حصو وٺنديون.

اپنا تبصرہ بھیجیں