پريانڪا چوپڙا آمريڪي ڳائڻي نڪ جونس سان مڱڻي ڪري ڇڏي

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا آمريڪي راڳي نڪ جونس سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي.رپورٽن مطابق پريانڪا ۽ نڪ جونس جي مڱڻي واري رسم ممبئي ۾ ان جي رهائشگاهه تي ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي اداڪاره جا ويجها عزيز ۽ دوست ۽ نڪ جونس جا والدين به شامل هئا. مڱڻي جي موقعي تي پريانڪا چوپڙا ڦڪي رنگ جو لباس پاتو، جڏهن ته نڪ جونس اڇو ڪڙتو پهريو. ٻنهي جي مڱڻي پنجابي رسم رواج مطابق ٿي، جڏهن ته نڪ جونس جي والدين به ڀارتي پنجابي اسٽائل ۾ شرڪت ڪئي. ڀارتي ميڊيا مطابق پريانڪا پاران 200 مهمانن جي هوٽل ۾ بڪنگ ڪرائي وئي آهي، جيڪي خاص طور آمريڪا مان مڱڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا ۽ اڄ رات مڱڻي واري تقريب پڻ ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ بالي ووڊ اسٽارن سميت شوبز جون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں