سون جي اگهن ۾ اضافو…

0Shares

آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ اضافو

نيويارڪ: آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ اضافو ٿيو جنهن جو سبب ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح ۾ لاٿ آهي. نيويارڪ ۾ اسپاٽ گولڊ جي وقفي کان پوءِ اگهه 0.31 سيڪڙو واڌ سان 1177.214 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جا سودا 20 سينٽ اضافي سان 1184.20 ڊالر في اونس طئي ٿيا. لنڊن ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.5 سيڪڙُو واڌ سان 1178.81 ڊالر في اونس رهيا. آمريڪي سون جا سودا 0.2 سيڪڙُو اضافي سان 1186.40 ڊالر في اونس طئي ٿيا. ايشيا ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.1 سيڪڙُو واڌ سان 1175.22 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جا سودا 0.2 سيڪڙو لاٿ سان 1181.30 ڊالر في اونس طئي ٿيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں