بينڪ آف پنجاب…

بينڪ آف پنجاب جي منافعي ۾ 61 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد: هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن ۾ بينڪ آف پنجاب جي منافعي ۾ گذريل سال جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 61 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بينڪ آف پنجاب جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جنوري کان جون 2018ع تائين بينڪ آف پنجاب کي 6.1 ارب روپين جو منافعو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل سال جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 61 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق ان عرصي ۾ بينڪ آف پنجاب جي في شيئر آمدني 1.43 رڪارڊ ڪئي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں