آمريڪي بانڊن…

آمريڪي بانڊن جي خريدارن ۾ سعودي عرب 10 هين نمبر تي

واشنگٽن : 2018 جي پهرين 6 مهينن جي آخر ۾ آمريڪي بانڊ وڌيڪ خريد ڪندڙ ملڪن ۾ سعودي عرب 10 هين نمبر تي اچي ويو آهي . سعودي عرب 164.09 ارب ڊالر جا بانڊ آمريڪي ناڻي واري وزارت کان خريد ڪري چڪو آهي . هڪ مهيني دوران 2.8 ارب ڊالر جا اضافي بانڊ خريد ڪيا . جولاءِ 2015 کان پوءَ سعودي عرب آمريڪي بانڊن جي سودن ۾ اعلى ريڪارڊ قائم ڪيو آهي امارت آمريڪي باندن کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاليسي تبديل ڪئي آهي . ان جون 2018 جي آخر تائين 400 ملين ڊالر بانڊ گهٽ ڪيا . ڪويت 42.9 ارب ڊالر جا آمريڪي بانڊ گهٽ ڪري چڪو آهي . چين 1.18 ٽريلن ڊالر ۽ جاپان 1.03 ٽريلن ڊالر ، برازيل 300 ارب ڊالر ۽ آئرلينڊ 299.6 ارب ڊالر جا بانڊ خريد ڪري ترتيب وار پهرين ، ٻين ، ٽين ، ۽ چوٿين نمبر تي آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں