گجر…

آبادگار گجر جي پوک وقت تي شروع ڪن . زرعي ماهر

قصور: زرعي ماهرن گجر جي آبادگارن کي سفارش ڪئي آهي ته هو سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءَ فصل جي مناسب سار سنڀال ڪن . شروع ۾ فصل کي هفتي وار پاڻي ڏين . جڏهن ته پوءِ فصل کي ضرورت موجب وقفي سان پاڻي ڏيڻ گهرجي . گجر جي فصل مان جڙي ٻوٽيون ختم ڪرڻ گهرجن . ته جيئن کوٽائي کان پوءَ ٻوٽن جو هڪ ٻي کان فاصلو 2 کان 3 سينٽي ميٽر هجي . فصل کي سائي مک ، اچي مک ۽ لشڪري سنڊي جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ وقت تي قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته اهي فصل جي وڌڻ تي جلد حملو ڪنديون آهن . ۽ پيداوار کي نقصان پهچائينديون آهن . اڇي مک رس چوسڻ دوران جسم مان هڪ ليس دار مادو خارج ڪنديون آهن جنهن سان پتا ڪارا ٿي ساڙي ويندا آهن

اپنا تبصرہ بھیجیں