سعودي عرب : سون جي قيمتن…

0Shares

سعودي عرب ۾ سون جي قيمتن ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي

رياض :سعودي عرب ۾ سون جي قيمتن ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي آهي . 18 مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ايتري گهٽتائي ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آئي . سڌ سماءَ جي ذريعن موجب سعودي عرب ۾ هڪ اونس سون جي قيمت گهٽ ٿي 1177.53 ڊالر ٿي وئي آهي . ملڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافو جڏهن ته ترڪ ليرا جي قدر ۾ گراوٽ جي حوالي سان خدشا وڌي ويا آهن . سون جا ڊسمبر لاءِ ٿيندڙ آمريڪي سودن ۾ 1.3 سيڪڙو گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں