پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ملڪ جو 22 هون وزيراعظم چونڊجي ويو، ڪنهن به ڌاڙيل کي اين آر او نه ملندو: عمران خان

0Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ملڪ جو 22 هون وزير اعظم چونڊجي ويو. وزير اعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو جتي ايوان جي سربراهه جي چونڊ لاءِ راءِ شماري ٿي جنهن ۾ پاڪستنا تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 176 ووٽ کنيا جڏهن ته شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس جي آغاز ۾ ميمبرن کي ايوان جي سربراهه جي چونڊ جي طريقيڪار بابت آگاهه ڪيو ۽ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته جيڪي ميمبر عمران خان جي حق ۾ ووٽ وجهڻ چاهن ٿا ته اسپيڪر جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃن ۽ جيڪي شهباز کي ووٽ ڏيڻ چاهن ٿا ته اُهي اسپيڪر جي کاٻي پاسي لابي ۾ هليا وڃن جنهن بعد ميمبر پنهنجي پنهنجي لابي ۾ هليا ويا. راءِ شماري جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ عمران خان 176 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا ۽ اهڙي ريت عمران خان ملڪ جو نئون وزير اعظم چونڊجي ويو. پ پ ۽ جماعت اسلامي ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو، اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي جڏهن ته آصف زرداري شريڪ نه ٿيو. نئين چونڊيل وزير اعظم عمران خان قو اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو قوم کي قرضي ڪندڙ شخص کي نه ڇڏيندو ۽ ملڪ جو پيسو واپس آڻيندو. قومي اسيمبلي مان چونڊجڻ بعد پنهنجي پهرين تقرير ۾ سندس چوڻ هو ته پنهنجي قوم سان واعدو ٿو ڪيان ته جيڪي تبديلي اسان آڻينداسين قوم ان جي لاءِ ترسي رهي هئي. هن چيو ته سخت احتساب ٿيندو ۽ جن ماڻهن قوم کي قرضي بڻايو هڪ هڪ ماڻهو کي نه ڇڏينداسين. عمران خان واعدو ڪيو ته ملڪ ۾ اُها تبديلي آڻينداسين جنهن لاءِ ماڻهو ترسي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ کي ڦريندڙ  هڪ هڪ ماڻهو جو احتساب ٿيندو ۽ ڪنهن ڌاڙيل سان اين آر او نه ٿيندو. نئين چونڊيل وزير اعظم چيو ته مون کي ڪنهن ملٽري ڊڪيٽر ناهي پاليو، 22 سالن جي جدوجهد بعد هتي پهتو آهيان. هن چونڊ مهم دوران ڪيل واعدن کي ورجائيندي چيو ته جيڪو ملڪ جو پيسو ڦري ٻاهر موڪليو ويو اُهو واپس آڻيندس. عمران خان چيو ته 6 هزار ارب قرض کي 28 ارب تائين ڪيو ويو، اِهو قرض ڪيئن چڙهيو ان جو حساب ڪنداسين، جيڪي پيسا عوام جي سهولتن لاءِ هئا اُهي ماڻهن جي کيسن ۾ ويا، هاڻ پيسي جي واپسي لاءِ ايوان ۾ بحث ڪنداسين. هن چيو ته نوجوانن جي ڪري اڄ هتي بيٺو آهيان، هنن جي حمايت کان سواءِ هتي نه پئي پهچي سگهيس. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندس جيئن هنن کي ٻاهر نه وڃڻو پوي. عمران خان چيو ته توهان چونڊن جي حوالي سان جنهن قسم جي جاچ ڪرائڻ چاهيو ٿا اسان سهڪار ڪنداسين ۽ اهو سهڪار اسان ان ڪري ڪنداسين ڇو ته اسان کي خبر آهي ته اسان ڌانڌلي ناهي ڪئي. عمران خان چيو ته فضل الرحمان ۽شهناز شريف کي چئلينج ٿو ڪريان ته هڪ مهينو ڪنٽينر  تي گذاري ڏيکارين شهباز شريف ڀلي ڌرڻا هڻي ڪنٽينر ۽ ماڻهو اسان فراهم ڪنداسين احتجاج ڪندڙ ٻڌي ڇڏين مون کي ڪير به بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي مان اليڪشن کي اهڙو بڻائيندس جو هارڻ وارا به پنهنجي شڪست تسليم ڪندا مون چار تڪ کولڻ جي درخواست ڌني پر ان تي توجهه نه ڏني وئي اجلان ٿو ڪريان ته اپوزيشن پارٽيون جيڪو به تڪ کولڻ چاهين اليڪشن ڪميشن وٽ وڃن چونڊن ۾ اسان جي ڪامياب ۾ ڌانڌلين جو ڪوبه دخل نه هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں