ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بينڪنگ ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽ ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ ٻه مک جوابدار انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد عدالت ۾ پيش ٿيا، جن کي ايف آءِ اي جي اپيل تي جسمانيرمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو. ايف آءِ اي پاران آصف زرداري سميت ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 15 جوابدارن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي. عدالت ايف آءِ اي جي اپيل منظور ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت ٻين فراري جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته عدالت سمورن جوابدارن کي 4 سيپٽمبر تائين گرفتار ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. بيڪنگ ڪورٽ جن فراري جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن انهن ۾ نمر مجيد، اسلم مسعود، عارف خان، نصير عبدالله حسين لوٿا، عدنان جاويد، محمد عمير، اقبال آرائين، اعظم وزير خان، زين ملڪ ۽ مصطفيٰ ذوالقرنين شامل آهن. جوابدارن جا وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ شهادت اعواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدار انور مجيد عدالت ۾ ميڊيا جي موجودگي تي اعتراض ڪندي چيو ته توهان چيو هو ته ميڊيا نه هوندي جنهن تي ايف آءِ اي آفيسرن ميڊيا کي اشارو ڪندي پوئتي ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي طرفان جوابدارن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن موجب آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو 19 ۽ 20 هين نمبر تي آهي جڏهن ته فريال ٽالپر گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت حاصل ڪري چڪي آهي، ايف آءِ اي طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورن جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟