سنڌ ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو پ پ جي سرڪار قائم، مراد علي شاھ شهريار مهر کي هارائي وڏو وزير چونڊجي ويو

0Shares

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو وزير چونڊجي  ويو کيس 97 ووٽ مليا، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار شهريار خان 61 ووٽ حاصل ڪيا . سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾  وڏ وزارت لاءِ پ پ جي سيد مراد علي شاهه ۽  گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار  شهر يار مهر وچ ۾ مقابلو ٿيو.  وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اسپيڪر پاران مراد علي شاهه جي حامين کي اسيمبلي هال جي ساڄي پاسي ۽ شهر يار مهر جي حامين کي کاٻي پاسي گڏ ٿيڻ جي هدايت ڪئي . ميمبرن جي ڳڻپ کانپوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني  سيد مراد علي شاهه جي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو ته سيد مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جڏهن ته مخالف ڌر جي اميدوار شهريار مهر کي 61 ووٽ مليا. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن وڏي وزير کي مبارڪون ڏيندي  تجويزون پڻ پيش ڪيون. ايم ڪيو ايم ميمبر  محمد حسين پاران مراد علي شاهه جي اڳوڻي دور تي تنقيد ڪئي وئي سندس چوڻ هو  ته اوهان سنڌ جي شهري علائقن کي  مڪمل طور نظرانداز ڪري  ڇڏيو ۽   واٽر اينڊ سيوريج جي حالت خراب آهي جڏهن ته فنڊ جاري نه ڪيا ويا. پ پ  جي ايم پي اي ناصر  حسين شاه ،محمد حسين   کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڀتا خوري، ڦر لٽ ۽ ٻوري بند لاش بند ڪرائڻ ڏوهه آهي ته سيد مراد علي شاهه اهو ڏوهه ڪندو رهندو.  سندس چوڻ هو ته اميد ته مراد علي شاهه ٻيهر سنڌ کي ترقي ڏياريندو، سنڌ لاءِ غلط ڪم ڪندڙن کي مراد علي شاهه روڪيندو رهندو. ناصر شاهه جو چوڻ هو ته  اڄ ڪو به يو ٽرن نه هلندو، صرف تير ئي هلندو،مراد علي شاهه جيڪي ڪجهه ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي فردوس شميم نقوي غلطي وچان مراد علي شاهه کي وزيراعظم چئي  ويٺو . فردوس شميم ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي غريب نه رهندو،اوهان ايماندار آهيو ته آفيسرن ۾ ڪرپشن ٿيڻ نه ڏيندئو، اوهان جا پنج سال ختم ٿين ته هر گهر ۾ پاڻي هئڻ گهرجي. اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار جو چوڻ هو ته اسان کي اوهان جي حڪمراني تي اعتراض آهي، اپوزيشن جي تجويزن تي به غور ڪيو وڃي. اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي نصرت سحر عباسي مراد علي شاهه کي ايوان جو اڳواڻ چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان پراڻين ڳالهين کي وساري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا . هن چيو ته سنڌ ۾ صحت ، پاڻي ۽ تعليم جا ٽي وڏا مسئلا  آهن ، اسان جائز تنقيد ڪنداسين ۽ اسان جي تنقيد اصلاح جي لاءِ ئي هوندي . هن چيو ته اوهان جيڪڏهن ايوان ۾ عورتن جي حقن جو خيال رکندئو ته اسان اوهان جو ساٿ ڏينداسي . پ پ ايم پي اي مرتضيٰ بلوچ چيو ته ڪراچي ۾ مراد علي شاهه پاران ڪرايل ڪمن جي ڪري پارٽي جي هتي پوزيشن مضبوط ٿي آهي . گڏيل مخالف ڌر جي ايم پي اي شهريار خان مهر جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه کي وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا پر  هن جيڪي وعدا پورا نه ڪيا آهن انهن تي تنقيد ضرور  ڪنداسين سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر کي ساڻ کڻي هلو ، صوبي جي ڀلائي لاءِ اوهان جو ساٿ ڏينداسين . ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل چيو ته ڪراچي ۾ مسئلن جا انبار آهن ، ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي 50 ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پاڻي اچي ٿو . حليم عادل شيخ مراد علي شاهه علي  شاهه  کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هاڻي نئين پاڪستان سان گڏ نئين سنڌ به ٺاهينداسين . هن چيو ته هاڻي سنڌ جي حقن لاءِ مرڪز سان وڙهڻ جي ضرورت نه پوندي. ٻئي طرف سنڌ جي چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل 10 سالا دور ۾ سنڌ جي عوام جي پرخلوص طريقي سان خدمت ڪئي آهي اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ماڻهن ٽيون دفعو پنهنجي مينڊيٽ سان نوازيو، پيپلز پارٽي جو هي عزم آهي ته هو آئينده به عوام جي ڀرپور طريقي سان خدمت ڪندي، عوامي مسئلا ترجيح بنياد تي حل ڪيا ويندا. 2018ع بلاول ڀٽو جو سال آهي، پ پ جي دور حڪومت ۾ سنڌ جيڪا ترقي ڪئي آهي اها نظر اچي رهي آهي، قيادت جو شڪر گذار آهيان ته ان هڪ دفعو ٻيهر مون کي وڏ وزارت جي ذميداري سونپي آهي. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ ۾ پنهنجي ڪاميابي بعد ايوان کي خطاب ڪندي ڪيو. نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منهنجي خواهش آهي ته اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهان، منهنجو والد به وڏي وزير جي ڪرسي تي رهيو آهي، والده جي دعائن سبب هيستائين پهتو آهيان. هن چيو ته منهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سياسي ڪيريئر شروع ڪيو هو، قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي قابل ۽ محنت سان ملڪ حاصل ڪيو ان بعد ملڪ غلط رخ ڏانهن هليو ويو، ننڍن صوبن جي حقن جو خيال نه رکيو ويو 71ع ۾ ماڻهن جي حقن جو خيال نه ڪيو ويو جنهن سبب اڌ ملڪ ٽٽي ويو. هن چيو ته هڪ دور ۾ اخبارون سنسر ٿينديون هيون، خبرن جي جڳهه خالي هوندي هئي، ڪراچي جو اهو دور ياد آهي جڏهن ماڻهن جي زبان بند ڪئي ويندي هئي. هن چيو ته بي بي جي شهادت بعد آصف علي زرداري اڳتي آيو، اليڪشن جو چيو ۽ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، بينظير ڀٽوجي شهادت وقت ملڪ مشڪل ۾ هو، آئون پنهنجي قيادت جو شڪر گذار آهيان جنهن وڏ وزارت جي ذميداري سونپي. مراد علي شاهه چيو ته جڏهن اسان حڪومت نه ٺاهي هئي تڏهن به سڀ کان وڌيڪ ووٽ پيپلز پارٽي کي ئي مليا هئا. سنڌ جي عوام جو شڪر گذار آهيان جنهن ڇهون دفعو ووٽ ڏنو. هن چيو ته سنڌ جي عوام جي پيپلز پارٽي تي اعتماد واري ڳڻپ ختم نه ٿيندي. 2018ع بلاول ڀٽو زرداري صاحب جو سال آهي، 2013ع ۾ پيپلز پارٽي 32 لک ووٽ حاصل ڪيا هئا ۽ هاڻي 39 لک ووٽ مليا آهن. هن چيو ته هن ايوان ۾ واضح اڪثريت ملڻي هئي جيڪا ڦري وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں