تحريڪ انصاف تخت لاهور فتح ڪري ورتو، پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ دوست محمد مزاري ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا، ايوان ۾ هنگامو

0Shares

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف تخت لاهور کي فتح ڪري ورتو، پرويز الاهي اسپيڪر  ۽ دوست محمد مزاري ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چونڊجي ويا، ايوان ۾ ن ليگ ميمبرن جو هنگامو، احتجاج، تحريڪ انصاف جي اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار چوڌري  پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي ميمبرن جي احتجاج سبب ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو.  پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راڻا اقبال جي  سربراهي ۾ ٿيو، پي ٽي آءِ جي نامزد اميدوار چوڌري پرويز الاهي ۽  ن ليگ جي چوڌري اقبال حصو ورتو، جڏهن ته اسپيڪر لاءِ ڳجهي راءِ شماري ڪرائي وئي. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر راڻا اقبال پي ٽي آءِ جي نامزد اميدوار چوڌري پرويز الاهي جي 201 ووٽ کڻي  ڪاميابي جو اعلان ڪيو. ن ليگ جي چوڌري محمد اقبال 147 ووٽ کنيا. اسيمبلي جي ووٽنگ دوران تحريڪ انصاف جي ميمبر شمسه علي ووٽ ڏيکاريو جنهن  تي ن ليگ جي ميمبرن  گوڙ ڪيو ۽ ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هنيا، جڏهن ته اسپڪر  نوٽيس وٺندي شمسه علي جو ووٽ رد ڪري ڇڏيو.  ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنهن دوران ايوان مڃي مارڪيٽ بڻجي ويو. پرويز الاهي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي  طور عهدي جو حلف به کڻي ورتو. راڻا محمد اقبال حلف کڻايو. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار دوست محمدف مزاري 187  ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ن ليگ جي محمد وارث کي 159  ووٽ مليا. سردار دوست محمد مزاري کي نئين اسپيڪر  چوڌري پرويز الاهي حلف کڻايو.  ايوان ۾ ن ليگ ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ هارس  ٽريڊنگ جا الزام هنيا، ٻئي طرف پنجاب  جي  وڏي وزير جي چونڊ 19  آگسٽ تي ٿيندي.  ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته ڪوشش هوندي ايوان کي ايمانداري سان هلايان. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيڪر جو حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان کي ايوان جو تقدس بحال رکڻو آهي. هن احتجاج ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته گوڙ ڪندڙن کي گهاءُ لڳو آهي، هي گوڙ ڪرڻ جو نه پر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت آهي. پرويز الاهي چيو ته اسان گذريل اسيمبلي جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪم ڪنداسين، اصل ڪم قانون سازي آهي، ملڪ جي وقار ۽ سلامتي لاءِ ڪم ڪنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں