پ پ وزيراعظم لاءِ ن ليگ اميدوار شهبازشريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پ پ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ن ليگ اميدوار شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ بابت پيپلز پارٽي جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري گڏيل طور ڪئي. اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويو ته پ پ قائد ايوان جي چونڊ جو حصو نه بڻجندي ۽ اپوزيشن اميدوار شهباز شريف جي حمايت به نه ڪندي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته قائد ايوان جي چونڊ واري ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ حڪمت عملي ٺاهي ويندي. واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ اپوزيشن طرفان نامزد ن ليگ صدر شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف کي پنهنجي اتحادين سبب اڪثريت حاصل آهي، جڏهن ته ايوان جي ٽين وڏي پارٽي پ پ شهباز شريف جي نالي تي خدشن جو اظهار ڪندي ڪو ٻيو اميدوار آڻڻ جي تجويز ڏني هئي ٻئي طرف پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سڀاڻي وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ شهباز شريف کي ووٽ نه ڏينداسين. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي شهباز شريف کان علاوه ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ تي راضي آهي، جيڪڏهن ن ليگ اميدوار نه بدلايو ته پيپلز پارتي جو پنهنجو فيصلو ڪندي. پيپلز پارتي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان ن ليگ کي پنهنجن خدشڻ کان آگاهه ڪيو هو، پر هو پنهنجي موقف تي قائم آهي، سنڌ جي عوام پيپلز ارتي کي لڳاتار پنهنجي اعتماد سان نوازيو اهي پيپلز پارٽي عوام جي ان اعتماد کي ڪڏهن نقصان نه پهچائيندي، اسان عوام جي خدمت جاري رکنداسين. ذريعن موجب مسلم ليگ ن جوابي وار ڪندي سينيٽ ۾ اپوزيشڻ ليڊر شيري رحامن کي هٽائي پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻن جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ سينيٽ ۾ موجود مختلف پارٽين سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان آصف زرداري سان ملاقات ڪري پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، فضل الرحمان چيو ته طئي ٿيل فيصلي تحت  ن ليگ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ گهرجن پر پ پ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. ٻئي طرف شهبازشريف  چيو آهي ته طئي ٿيل هو ته وزيراعظم جو اميدوار ن ليگ مان هوندو. پ  پ  جي فيصلي تي تبصرو نه ڪندس. هوڏانهن اياز صادق چيو آهي ته ڪو ساٿ ڏيئي يا نه ڏيئي اسان ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ اپوزيشن به ڀرپور ڪنداسين. پنهنجي پارٽي جي فيصلن جا اختير ٻئي ڪنهن کي نٿا ڏئي سگهون.

اپنا تبصرہ بھیجیں