اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي چونڊ اڄ ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو، ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ اڄ ٿيندي، چونڊ لاءِ رڳو عمران خان ۽ شهباز شريف پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جيڪي منظور ڪياويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وزارت عظميٰ لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ 2 وڳي تائين وصول ڪيا ويا ۽ مقرر وقت تائين ٻن ميمبرن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. وزارت عظميٰ لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ منظور ڪيا ويا. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي4 جي چونڊ شام ساڍي 3 وڳي شروع ٿيندي جنهن دوران قائدايوان جي چونڊ ڪئي ويندي. هر اميدوار لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ هڪ هڪ لابي مخصوص هوندي جيڪو اسيمبلي ميمبر جنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ چاهيندو تنهن لابي ۾ هليو ويندو جنهن بعد ميمبرن جي ڳڻپ کانپوءِ اڪثريت حاصل ڪرڻ وارو اميدوارملڪ جو نئون وزيراعظم هوندو. قومي اسيمبلي جي قاعدن موجب 342 جي ايوان ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ڪنهن به اميدوار کي 172 ووٽ وٺڻا پوندا جيڪڏهن 172 جي اڪثريت نه ملي ته ايوان جي اڪثريتي ميمبرن مان چونڊ ڪئي ويندي. قومي اسيمبليءَ ۾ قائد ايوان جي چونڊ لاءِ ڪاميابي عددي اڪثريت رکندڙ پارٽي جي هوندي. قومي اسيمبليءَ ۾ 152 سيٽون تحريڪ انصاف وٽ آهن جڏهن ته مسلم ليگ ن جون ايوان ۾ 81 ۽ پ پ جون 54 سيٽون آهن. مجلس عمل 15، ايم ڪيو ايم 7، بي اي پي 5،بي اين پي مينگل 4،مسلم ليگ ق3، جي ڊي اي 3، عوامي مسلم ليگ، جمهوري وطن پارٽي۽ اي اين پي جي هڪ هڪ سيٽ حاصل آهي جڏهن ته 4 سيٽون آزاد اميدوارن وٽ آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟