عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم هائوس تائين پهچي رهيو آهي: سعد رفيق

لاهور (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي شهري تي تشدد ڪيو پر قانون حرڪت ۾ نه آيو، پهريان ڪٽڪو ڏيو پوءِ دٻاءُ وجهي ٺاهه ڪري وٺو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تهپنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نااهل شخص جهاز ۾ اسيمبلي ميمبرن کي آڻيندو رهيو. هن چيو ته اسان جي ماڻهن کي فون ڪري کين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن حڪومت ۽ ان جي عهديدارن جي سليڪشن هارس ٽريڊنگ سان ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته هاڻ اسين ڏسنداسين ته ڪهڙي گورنر هائوس جي ڀت ڪرندي، پنجاب ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي، عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم هائوس تائين پهچي رهيو آهي، اهو گهڻا ڏينهن نه هلندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں