دپيڪا ۽ رنوير جي شادي تقريب دوران موبائل فون جي استعمال تي پابندي

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهوري جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمان موبائل فون استعمال نه ڪري سگهندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب دپيڪا ۽ رنوير پنهنجي شادي جي سموريون تقريبون سوشل ميڊيا کان پري رکڻ چاهن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي موبائل استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.ٻنهي پنهنجي شادي کي ڊيسٽينيشن ويڊنگ قرار ڏيندي ان کي اٽلي ۾ منعقد ڪيو آهي جنهن ۾ رڳو ويجهن مٽن مائٽن کي دعوت ڏني وئي آهي. ٻئي اداڪار شادي هي هر تقريب دوران پرائيوسي کي ترجيح ڏيڻ چاهن ٿا. ٻنهي موجب ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما يا سونم ڪپور ۽ آنند آهوجا جي شادي وارين ويڊيوز ۽ تصويرون سڄي دنيا ۾ وائرل ٿيون هو اهڙو ڪجهه پسند ناهن ڪندا پر اها ڪوشش ڪري رهيا آهن سمورين ريتن رسمن ۾ پرائيوسي جو خاص خيال رکيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته هي خانداني ايونٽ آهي جنهن کي هو پبلڪ نٿا ڪرڻ چاهن انڪري احتياط طور موبائل استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. پر جيڪڏهن ڪنهن کي تصوير ۽ ويڊيو گهرج ۾ هوندا ته ان لاءِ خاص بندوبست ڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں