آءِ سي سي طرفان ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري، ايرون فنچ، فخر زمان کان پهرين پوزيشن کسي ورتي

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ٽي ٽوئنٽي جي نئين رينڪنگ جاري ڪئي آهي، آسٽريليا جو موجوده ڪپتان ايرون فنچ 3 رانديگرن مٿان جمپ ڪندي 891 پوائنٽن سان گڏ بيٽسمينن ۾ ٽاپ رينڪ رانديگر بڻجي ويو آهي جنهن سبب 842 پوائنٽن جو مالڪ پاڪستان جو فخر زمان ٻئي ۽ ڀارت جو لوڪيش راهول 912 پوائنٽس سان گڏ ٽئين نمبر تي هليا ويا آهن. ڪولن منرو 801، بابر اعظم  ۽ گلين ميڪسويل 761 پوائنٽن سان ترتيبوار چوٿين، پنجين ۽ ڇهين نمبر تي هليا ويا آهن. نيوزيلينڊ جو مارٽن گپٽل ستين، انگلينڊ جو ايلڪس هيلز اٺين، آسٽريليا جو ڊراسي شارٽ نائين ۽ ڀارت جو روهٽ شرما ڏهين نمبر تي موجود آهي. بالرن جي فهرست ۾ افغانستان جو ليگ اسپنر راشد خان 813 پوائنٽن سان گڏ پهرين ۽ پاڪستان جو شاداب خان 723 پوائنٽون کڻي ٻئي نمبر تي موجود آهن، نيوزيلينڊ جو اش سوڌي ٽئين، ڀارت جو يزودل چاهل چوٿين، نيوزيلينڊ جو مچل اسٽينر پنجين، آسٽريليا جو اينڊريو ٽائي ڇهين، ويسٽ انڊيز جو سيميول بدري ستين، انگلينڊ جو عادل رشيد اٺين، افغانستان جو محمد نبي نائين ۽ ڏکڻ آفريقي ليگ اسپنر عمران طاهر ڏهين نمبر تي موجود آهي. ٽيم رينڪنگ ۾ پاڪستان جي ٽيم 132 پوائنٽن سان گڏ پهرين نمبر تي موجود آهي، ڀارت 124، آسٽريليا 122، انگلينڊ 117، نيوزيلينڊ 116، ڏکڻ آفريڪا 114، ورلڊ ٽي ٽوئنٽي چئپين ويسٽ انڊيز 106، افغانستان 91، سريلنڪا 85 ۽ بنگلاديش 77 پوائنٽن سان سيريز وائيز ٻئي کان ڏهين نمبر تي موجود آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں