پاڪستان ۽ ڀارت مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن: شاهد آفريدي

0Shares

لاهور(م ڊ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽنگ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀارتي ٽيم کي خاص ٽوئيٽر پيغام ڏئي ڇڏيو. ڀارت جي يومِ آزاديءَ جي موقعي تي شاهد آفريدي اميد ظاهر ڪئي ته ان سال ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. هن ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ”مان اُميد ڪريان ٿو ته ان سال پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا جنهن سان هي خطو بهتر، پُرامن ۽ خوشحالي وارو بڻجي ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچن جي شروعات ٿي سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں