اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار اسد قيصر قومي اسمبلي جي اسپيڪر جو حلف کڻي ورتو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي جو اجلاس ٿيو، جتي ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي پهرين مرحلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان اسد قيصر ۽ مخالف اتحاد طرفان سيد خورشيد شاهه کي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. اسد قيصر 176 ۽ خورشيد شاهه 146 ووٽ حاصل ڪيا. پول ڪيل 330 مان 322 ووٽ منظور جڏهن ته 8 رد ڪيا ويا.پولنگ جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ بعد سردار اياز صادق اسد قيصر کان عهدي جو حلف ورتو.اسد قيصر جي حلف کڻڻ واري موقعي تي مسلم ليگ ن اسمبلي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تصوير واري پوسٽر کڻي اسپيڪر ڊائس اڳيان جمع ٿي ويا. ن ليگي ميمبرن ان موقعي تي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ وارا نعرا پڻ هنيا. جڏهن ته کين ڪاريون پٽيون پڻ ٻڌل هنيون، قومي اسمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر ن ليگ جي سخت احتجاج سبب اجلاس 15 منٽ لاءِ ملتوي ڪيو جيڪو ٻيهر شروع ٿيو. پنهنجي پهرين خطاب ۾ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اهو لازمي آهي ته اسان ذاتي مفادن کان هٽي ڪري ملڪي مفادن لاءِ ڪم ڪريون، اسان سڀني جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، ان سان ئي اسان جي عزت ۽ وقار آهي اسان گڏجي ڪري پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ميڊيا کي خاطري ڪريان ٿو ته اسمبلي سيڪريٽريٽ طرفان هر قسم جو سهڪار مُهيا ڪيو ويندو. اجلاس جي شروعات تي قومي اسمبلي جي 5 چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، جيڪي ڪنهن سبب ڪري 13 آگسٽ تي حلف نه کڻي سگهيا هئا. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار قاسم سوري 183 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو جڏهن ته گڏيل اپوزيشن جي اميدوار اسد محمود 144 ووٽ کنيا قاسم خان سوري پنهنجي عهدي جو حلف پڻ کڻي ورتو ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ ڪل 328 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جن مان هڪ ووٽ رد ڪيو ويو قاسم سوري چيو ته منهنجو تعلق بلوچستان سان آهي افسوس جو بلوچستان گئس ڏي پر افسوس جو ان کي ڪالوني وانگر ڊيل ڪري نفرتون پکيڙيون ويون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟